اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اين آر او ڏيڻ ۽ ٺاهه ڪرڻ آسان رستو آهي پر اها تباهي آهي، حڪومت ن??لي?? اڪانومي جي فروغ لاءِ ڀرپور تعاون ڪندي، اعليٰ تعليم ۽ تحقيق تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهيا آهيو??، مقامي سطح تي ڪارڊيڪ اسٽنٽ جي تياري سان دل جي مريضن ج?? علاج تي ايندڙ خرچن ۾ گهٽتائي ايندي، 70ع جي ڏهاڪي ۾ قومي ملڪيت ۾ وٺڻ جي پ??لي??ي صنعتي عمل کي متاثر ڪيو، سمنڊ پار پاڪستاني ملڪ جو اهم ثاثو آه??، ملڪ کي درپيش راهه تي گامزن ڪري ڇڏيو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن نسٽ ۾ اين – اويٽو هيلٿ ٽيڪنالاجي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، وزيراعظم چيو ته مقامي سطح تي ڪارڊيڪ اسٽنٽ جي تياري اهم اڳڀرائي آهي جنهن تي نسٽ انتظاميه کي مبارڪباد ڏيان ٿو، اميد آهي ته ٻيون يونيورسٽيون به ان مثال جي ??قل??د ڪنديون. ان قدم سان دل جي مريضن ج?? علاج تي ايندڙ خرچن ۾ گهٽتائي ايندي، هن چيو ته ترقي جي سفر ۾ منزل ۽ رخ جو تعين گهڻو ضروري آهي، ماضي ۾ بدقسمتي سان اسان جي ادارن جي وچ ۾ رابطي جي کوٽ نظر آئي جنهن جي ڪ??ي پوري نظام ۾ خرابي آهي، هن چيو ته قومون طئي ڪنديون آهن ته اسان کي ڪيڏانهن وڃڻو آهي، بدقسمتي سان اسان جي جو ويزن ڌنڌلو ٿي ويو هو.