اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته هي اسلامي دنيا تي آزمائش جو وقت آهي، قبله اول تي حملو اسلامي دنيا تي حملو آهي، 27 رمضان المبارڪ تي اسرائيل قبله اول مسجد اقصيٰ تي حملو ڪري پوري مسلمان امت کي للڪاريو آهي، ان وقت کان هيستائين وزيراعظم ??مر??ن خان ۽ پي ٽي آءِ جي حڪومت هڪ لمحو به ضايع نه ڪيو، آمريڪا پاران سلامتي ڪائونسل جي امن جي لاءِ سفارشن کي ويٽو ڪري ر??او?? وڌي وئي، تاريخ ان ڳالهه جي گواهه رهندي ته پاڪستان وزيراعظم ??مر??ن خان جي قيادت ۾ فلسطين جي معاملي تي تاريخ جي صحيح رخ ۾ تي بيٺل هوندو، پي ٽي آءِ جي حڪومت فلسطين مسئلي ۽ ڪشمير مسئلي تي ڪڏهن به آنچ اچڻ نه ڏيندي، جمعي 21 مئي تي پوري قوم فلسطينين سان پرامن ۽ شائسته انداز ۾ يڪجهتي جو اظهار ڪري. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ فلسطين تي اسرائيلي جارحيت جي حوالي سان پاليسي بيان ڏيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پوري ايوان کي مبارڪباد ??ني ته حڪومت جا هٿ ان اتفاق راءِ سان مضبوط ٿيندا ۽ پاڪستان جو وقار بلند ٿيندو.