اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب سان پاڪستان تحريڪ انصاف جرمني جي صدر طارق جاويد ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، جرمني ۾ رهندڙ پرڏيهي پاڪستانين جي مسئ??ن جي حل جي حوالي سان خيا??ن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پرڏيهي ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، انهن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ اسان جي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. ٻاهرين ملڪ ۾ رهندڙ پاڪستانين عمران خان تي اعتماد ڪندي رڪا??ڊ پرڏيهي ناڻو پاڪستان موڪ??يو آهي ۽ پرڏيهي پاڪستاني روشن ڊجيٽل ??ڪائونٽ ۾ گهري دلچسپي وٺي رهيا آهن.