اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وفاقي ۽ صوبائي ??ڪومتن ۽ اسٽيٽ لائيف ڪارپوريشن کي صحت ڪارڊ پروگرام جي حوالي سان خصوصي يونٽس جوڙڻ جي هدايت ڪئي ??هي جيڪو ان پروگرام تي عملدرآمد تي مسلسل نظر رکي ۽ ڪنهن به درپيش مسئلي کي فوري طور تي حل ڪري، اطلاعات واري وزارت جي مدد سان پروگرام جي مناسب مشهوري ڪئي وڃي ته جئين وڌ ??ان وڌ عوام کي ان پروگرام ۽ ان جي افاديت ??ان آگاهي حاصل ٿئي ??ه جئين هو ان مان فائدو کڻي سگهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ صحت جي شعبي ۾ حڪومت جي تاريخي قدمن ”صحت سهولت ڪارڊ“ جي ذريعي عوام کي صحت جي معياري سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان جائزه اجلاس منعقد ٿي??، اجلاس ۾ صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسين راشد، خيبرپختونخوا جو صحت وارو وزير تيمور سليم جهگڙا، صحت بابت وفاقي ۽ صوبائي ??يڪريٽري ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا صوبي ۾ صحت ڪارڊ جي فراهمي، فائدو حاصل ڪندڙ ماڻهن جا انگ اکر ۽ هن وقت تائين ان پروگرام تي ٿي??دڙ خرچن ۽ ان جي نتيجي ۾ عوام کي پهچندڙ رليف تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته خيبرپختونخوا صوبي ۾ صحت ڪارڊ پروگرام جي ذريعي مختلف سرڪاري ۽ پرائيويٽ اسپتالن ۾ ٻه لک 10 هزار 2 سئو ايڊميشنز جي ذريعي لکين ماڻهو مستفيد ٿي چڪا آهن، جنهن تي هن وقت تائين 5.3 ارب روپيا خرچ ڪيا ويا آهن، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته صحت ڪارڊ جي ذريعي 26 مختلف بيمارين جي ڏس ۾ عوام کي معياري سهولت جي فراهمي کي يقيني بڻايو پيو وڃي، ان ۾ دل سميت اهڙا مرض به شامل آهن جنهن جو علاج وڏو مهانگو ۽ غريب خاندانن جي مالي وسيلن ??ان ٻاهر هوندو آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پنجاب صوبي ۾ هن وقت تائين 85 لک خاندانن کي صحت ڪارڊ جي سهولت فراهم ڪئي وئي ??هي، وزيراعظم صحت سهولت ڪارڊ جي ذريعي عوام کي ميسر ايندڙ رليف تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته صحت جي معياري سهولتن جي فراهمي جو موجوده پروگرام ملڪي تاريخ جو سڀ ??ان وڏو ۽ تاريخي پروگرام آهي، هن چيو ته پهريون ڀيرو موجوده حڪومت صحت جي حوالي سان ڪمزور طبقن جو احساس ڪندي اهڙو جامع پروگرام شروع ڪيو آهي جنهن جي ڪري نه رڳو سرڪاري پر پرائيويٽ اسپتالن مان به ڪمزور طبقي کي صحت جو معياري سهولتون ميسر اچي رهيو?? آهن، وزيراعظم چيو ته صحت سهولت ڪارڊ سان هيلٿ سيڪٽر ۾ هڪ نئون نظام جوڙيو پيو وڇي، موجوده پروگرام سان پرائيويٽ سيڪٽر جي اسپتالن کي فروغ حاصل ٿي??دو ۽ کين ٻهراڙي ۽ ڏورانهن علائن ۾ پنهنجون خدمتن جي فراهمي ۾ مدد ملندي، وزيراعظم وفاقي ۽ صوبائي ??ڪومتن ۽ اسٽيٽ لائيف کي هدايت ڪئي ??ه صحت ڪارڊ پروگرام جي حوالي سان خصوصي يونٽس جوڙيا وڃن جيڪي ان پروگرام تي عملدرآمد تي مسلسل نظر رکن ۽ ڪنهن به درپيش مسئلي کي فوري طور تي حل ڪيو وڃي، وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ??ه اطلاعات واري وزارت جي مدد سان پروگرام جي مناسب مشهوري ڪئي وڃي ته جئين وڌ ??ان وڌ عوام کي ان پروگرام ۽ ان جي افاديت ??ان آگاهي حاصل ٿي ۽ هو ان مان فائدو کڻي سگهي.