اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پرامن، محفوظ ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ اهميت رکندڙ آهي، پاڪستان افغانستان جي مع??شي بهتري، انساني ريليف ۽ مدد جي لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکندو. هو قطر جي ڊپٽي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان آلثان?? سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو، ملاقات دوران افغانستان جي ترقي ۽ پاڪستان ۽ قطر جي مختلف شعبن ۾ لاڳاپن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ان موقعي تي قطر جي امير لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته پاڪستان افغانستان تڪرار جي ڪر?? مشڪلاتن جو شڪار رهيو آهي، هڪ پرامن، محفوظ ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ اهم آهي. افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال جي حوال?? سان وزيراعظم زور ڏنو ته سيڪيورٽي جي صورتحال ۾ استحڪام انساني بحران جي روڪٿام ۽ معيشت جي مضبوطي انتهائي اهم آهي. هن چيو ته پاڪستان افغانستان جي امداد انساني ريليف ۽ مع??شي بهتري جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪر?? رهيو آهي ۽ ڪندو رهندو. وزيراعظم عالمي برادري کي چيو ته اها افغانستان جي عوام سان يڪجهتي جي لاءِ اٿي بيهي ۽ افغانستان ۾ پائيدار امن، استحڪام ۽ مع??شڊي ترقي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي ۽ مثبت ڳالهيون ڪر??. وزيراعظم افغان امن عمل ۾ قطر جي ڪردار ک?? ساراهيو. وزيراعظم ٻطرفن لاڳاپن جي ڏس ۾ قطر سان گڏيل مفاد جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي خواهش کي ورجايو. هن واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ عوامي سطح تي رابطن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ان موقعي تي قطر جي ڊپٽي وزيراعظم علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي اهم ڪردار ۽ ڪوششن ک?? ساراهيو. هن ٻطرفن ۽ علائقائي مع??ملن تي پاڪستان سان پنهنجو ويجهو رابطو برقرار رکڻ جو عزم ڪيو.