اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي ??ي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ناليواري اداڪار عمر شريف جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سڄي زندگي ماڻهن جي چه??ن تي مسڪراهٽ جو تحفو سجائيندڙ عمر شريف لاڏاڻو ڪري ويو. پنهنجي ٽ??ئيٽ ۾ هن چيو ته قوم پنه??جي فنڪار کي بهترين خراج تحسين پيش ڪيو ۽ ثابت ڪيو ته اسان فن ۽ فنڪارن سان محبت ڪندڙ قوم آهيون. هن چيو ته عمر شريف جو نالو پاڪستان جي فنون لطيفه جي انسڪائيڪلوپيڊيا ۾ سدائين سنهري لفظن سان لکيو ويندو.