اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ڪشميرين جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ تائين انهن جي حمايت جاري رکندو، گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪش??ير مسئلي جو حل ئي خطي ۾ پائيدار امن جو ضامن آهي، موجود?? حڪومت آزاد ڄمون ۽ ڪشم??ر ج?? ترقي سان گڏوگڏ غيرقانوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشم??ر جي مسئلي جي حل لاءِ پڻ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ڄمون ۽ ڪشم??ر جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشم??ر ج?? ترقي، مجموعي صورتحال ۽ ڪش??ير مسئلي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي صدر چيو ت?? حڪومت آزاد ڄمون ۽ ڪشم??ر جي اقتصاد?? ترقي ۽ ڪش??ير مسئلي جي حل لاءِ پرعزم آهي، آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ سياحت جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، حڪومت ملڪ ۾ سياحت جي فروغ تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي. صدر چيو ته پاڪستان ڪش??ير مسئلي کي هر فورم تي موثر انداز ۾ اجاگر ڪري رهيو آهي، پاڪستان 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن کي رد ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ تائين ڪشميري عوام جي حمايت جاري رکندو، گڏيل قومن جي قرارداد موجب ڪش??ير مسئلي جو حل ئي خطي ۾ امن جو ضامن آهي. هن چيو ته ڀارت ڪشميرين تي ظلمن جا پهاڙ ٽوڙي ڇڏيا آهن، ??ارت ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمانن سان غيرانساني سلوڪ ڪيو پيو وڃي جڏهن ته اتي مسلمانن جي ثقافتي ورثي کي پڻ مٽايو پيو وڃي. صدر چيو ته مودي جي انتهاپسند ۽ مسلمان مخالف حڪومت کان پوري خطي کي خطرو آهي.