اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت عام ماڻهو کي وڌ کان و?? رليف فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، مهانگائي جي ڪري غريب ماڻهن کي روز مره جي ضروري شين تي سبسڊي ڏئي رهيا آهيون، وڌ کان و?? غريب گهرن کي فائدو پهچائڻ لاءِ رجسٽريشن جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار احساس راشن پروگرام بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي غربت جي خاتمي واري خصوصي صلاحڪار سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، گلگت بلتستان جي ??ڏي وزير خالد خورشيد، وزيراعظم جي سياسي معاملن واري خصوصي مددگار ڊاڪٽر شهباز گل سميت لاڳاپيل سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. جڏهن ته پنجاب جي ??ڏي وزير عثمان بوزدار خيبرپختونخوا جي ??ڏو وزير محمود خان، آزاد ڪشمير جي ??زيراعظم سردار عبدالقيوم خان نيازي وڊيو لنڪ جي ??ري??ي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته حڪومت عام ماڻهن کي وڌ کان و?? رليف فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته مهانگائي جي ڪري ماڻهن جي تڪليفن جي خبر آهي اسان غريب ماڻهن کي روز مره جي ضروري شين تي سبسڊي ڏئي رهيا آهيون، ان کان اڳ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته احساس راشن پروگرام تحت ملڪ جي ان 2 ڪروڙ گهرن کي اٽو، گيهه ۽ دالين تي ه?? هزار روپين جي ??اهوار سبسڊي ڏني پئي وڃي، جنهن جي ??اهوار آمدني 50 هزار روپين کان گهٽ آهي، وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اهو پروگرام 15 ڊسمبر کان سڄي ملڪ ۾ شروع ڪيو ويندو، پروگرام تحت ڪريانه اسٽورن جي رجسٽريشن ج??ري آهي ۽ هن وقت تائين 15 هزار کان و??يڪ ڪريانه اسٽور رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن، وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ملڪ ۾ وڌ کان و?? غريب گهرن کي فائدو پهچائڻ لاءِ رجسٽريشن جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. هن ان سلسلي ۾ ڪريانه اسٽورن ۽ ممڪنه فائدو وٺندڙن ۾ بيداري پيدا ڪرڻ لاءِ ضلعي حڪومت جي عملدارن کي به متحرڪ ڪرڻ جي ??دايت ڪئي.