پنڊ دادن خان – 28 – نومبر (اي پي پي) اط??اعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ??ه ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو لڳائيندڙن ٻه، ٻه هزار رپين ۾ ووٽ خريد ڪيا جيڪو شرمناڪ قدم آهي، وزيراعظم عمران خان ۽ تحريڪ انصاف انهي نظام جي خلاف بيٺل آهن، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سان سڀ کان وڌيڪ گهٻراهٽ به انهن ئي ماڻهن کي آهي، 2016ع ۾ به (ن) ليگ پنڊ دادن خان ۾ ماڻهن کي پئسن جي لالچ ڏئي ووٽ خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اميد آهي ??ه اليڪشن ڪميشن (ن) ليگ جي وائرل ٿيندڙ وڊيو تي نوٽيس جاري ڪندو. عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي اط??اعات واري وفاقي وزير چيو ته (ن) ليگ جو چونڊ طريقو ئي ڌانڌلي تي ٻڌل آهي، اهي ماڻهو ڪنهن خاص مقصد جي لاءِ اقتدار ۾ اچن ٿا. هن چيو ته (ن) ليگ 1990ع جي اليڪشن ڌانڌلي سان کٽي، اها ڌانڌلي سپريم ڪورٽ به ڊڪليئر ڪري چڪي آهي. چوڌري فواد حسين مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر کي مشورو ڏنو ته اهي فلمون ٺاهڻ جو ڪاروبار شروع ڪري ڇڏين، سياست انهن جي وس جي ڳالهه نه آهي. هن چيو ته جڏهن به انهن جي خلاف ڪو ڪيس کلي ٿو ته ڪا نه ڪا وڊيو سام??ون اچي وڃي ٿي، بعد ۾ خبر پوي ٿي ته اها وڊيو جعلي هئي. هن چيو ته (ن) ليگ اهڙن حربن سان عدليه ۽ فوج تي دٻاءُ وجهڻ چاهي ٿي. هن چيو ته اسان جي هر علا??قي ۾ فوجي ۽ غازي موجود آهن، فوج جا جوان سيني تي گولي کائڻ جي لاءِ تيار رهن ٿا، ڇاتي تاڻي سرحدن تي بيٺل هوندا آهن، انهن کي ڪير بليڪ ميل ڪري سگهي ٿو؟ اط??اعات واري وفاقي وزير چيو ته پاناما پيپرز ۾ نواز شريف ۽ مريم نواز جي ملڪيتن جو انڪشاف ٿيو، انهن جون ملڪيتون اهڙن علائقن ۾ سام??ون آيون جتي برطانيا جو وزيراعظم به شايد ملڪيت خريد نه ڪري سگهي، انهن ملڪيتن جي انڪشاف کانپوءِ مريم نواز چيو ته ان جي لنڊن ته ڇا پاڪستان ۾ به ڪا ملڪيت نه آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته نواز شريف ۽ مريم نواز وٽ انهن ملڪيتن جا ثبوت ئي موجود نه آهن، رسيدون آهن ته اهي ??ام??ون آڻين، نه آهن ته انهن کي ڦريل پئسو واپس ڪرڻو پوندو يا جيل وڃڻو پوندو. اط??اعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ عمران خان جي مقابلي جو ڪو ليڊر موجود نه آهي، گوادر، پشاور، ڪراچي، حيدرآباد، سکر سميت پوري ملڪ ۾ عمران خان جو ووٽ بئنڪ موجود آهي، جيڪڏهن ڪير ملڪ کي ترقي ڏئي سگهي ٿو ته اهو عمران خان آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ واحد سياسي پارٽي آهي ??يڪا وفاق جي علامت آهي، عمران خان واحد ليڊر آهي ??يڪو فرقيواريت ۽ صوبائيت جي ڳالهه نه ٿو ڪري، رڳو پاڪستان جي ڳالهه ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف کانسواءِ ڪا سياسي پارٽي اهڙي نه آهي ??يڪا سمورين سيٽن تي پنهنجا چونڊ اميدوار بيهاري سگهي، پيپلزپارٽي اندرون سنڌ جي پارٽي بڻجي رهجي وئي آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت پنهنجا 5 سال پورا ڪندي، ايندڙ اليڪشن ۾ به ان جو ڪو مقابل نه آهي. هن چيو ته اڄ ملڪ ۾ مهانگائي جو بنيادي سبب اڳوڻن دورن ۾ ڪئي ويندڙ ڪرپشن آهي، اڳوڻي دور ۾ ڪرپشن جي ڪري ملڪ ۾ اڄ معاشي مسئلا درپيش آهن. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪنداسين. هن چيو ته تعلقي پنڊ دادن خان کي ٽن سالن دوران اسان جهڙي طريقي سان تبديل ڪيو آهي، ان جو مثال نه ٿو ملي، پنڊ دادن خان ۾ 61 ارب رپين جا منصوبا ٽن سالن دوران ڏنا ويا، 43 ارب رپين جي جلال پور واهه منصوبي سان علا??قي ۾ لکين ايڪڙ زمين سيراب ٿيندي. مارچ 2023ع ۾ ان منصوبي جو پهريون فيز مڪمل ٿي ويندو ۽ زمينن کي پاڻي ملڻ شروع ٿي ويندو. اط??اعات واري وفاقي وزير چيو ته مون هن علا??قي جي ماڻهن کي چيو هو ته اهي پنهنجون زمينون وڪرو نه ڪن، اڄ علا??قي ۾ ترقياتي ڪمن جي ڪري هتان جي زمينن جي ريٽ ۾ به اضاف ٿيو آهي. هن چيو ته علا??قي ۾ ٻارن جي لاءِ تعليمي ادارن جون سهولتون به فراهم ڪيون پيون وڃن، اسڪولن ۽ ڪاليجن جي قيام سان ٻارن کي اعليٰ تعليم جي لاءِ بين علائقن ۾ وڃڻو نه پوندو. ان موقعي تي علا??قي جي معززين پڻ خطاب ڪيو ۽ تڪ جي ترقي جي لاءِ اط??اعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جي ڪوششن کي ساراهيو. علا??قي جي اڳواڻن چيو ته تڪ جي 50 سالا تاريخ ۾ ڪو اهڙو ليڊر نه آيو جنهن چوڌري فواد حسين وانگر علا??قي جي ترقي جي لاءِ قدم کنيا هجن. هن چيو ته چوڌري فواد حسين اسان جي چونڊ آهي، انشاءَ الله سندس سرپرستي ۾ هي ??طو ترقي ۽ خوشحالي طرف گامزن ٿيندو.