اسلام آباد – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سي پيڪ منصوبن تي ڪم مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جو عزم اظهار ڪندي چيو آهي ته ملڪي مفاد ۾ ڊگهي مدي واري منصوبن لاءِ پاليسين جو تسلسل لازمي عنصر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار اربع تي چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبن تي ??ڳڀرائي بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، علي زيدي، حماد اظهر، وزيراعظم جو ناڻي بابت صلاحڪار شوڪت ترين، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سي پيڪ جي باري ۾ وزيراعطم جو خاص مددگار خالد منصور ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. سي پيڪ بابت خاص مددگار خالد منصور اجلاس ۾ سي پيڪ بابت منصوبن تي ??ڳڀرائي جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران چيو ته سي پيڪ منصوبن تي ڪم مقرر مدي ۾ مڪمل ڪيو وڃي، پاڪستان ۽ چين جي دوستي ??زمايل آهي، حڪومت سي پيڪ منصوبن کي عملي شڪل ڏيڻ ۽ ان تي ??ملدرآمد کي انتهائي ترجيح ڏيند?? آهي، هن چيو ته ملڪي مفاد جي وڌ کان وڌ حاصل لاءِ ڊگهي مدي واري منصوبن لاءِ پاليسين جو تسلسل ضرور?? آهي، هن چيو ته حڪومت سي پيڪ معاهدن تي ??ملدرآمد لاءِ پرعزم آهي.