اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي معيشت جي ڊيجيٽلائيزيشن کي عورتن ۽ ٻين محروم طبقن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ اهم قرار ڏيندي چيو آهي ته احساس پروگرام تحت روڪ امداد جي سڌي سنئين بئنڪ اڪائونٽس ۾ منتقلي عورتن کي مالي طور تي وڌيڪ بااختيار بڻائيندي، ڪورونا وبا مسئلن سان گڏ??گڏ ورچوئل تعليم جهڙا موقعا پڻ پيدا ڪيا آهن، حڪومت معاشري جي سمورن طبقن جي تعاون سان سمارٽ لاڪ ڊائون ۽ ڊيٽا تي ٻڌل وقت سر فيصلن سان غريب طبقن ۽ ملڪي معيشت کي سهارو ڏنو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ا??س ڊي پي آءِ جي اهتمام هيٺ سالياني پائيدار ترقياتي ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان ??وقعي تي وزيراعظم جي سماجي ڀلائي واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر، ا??س ڊي پي آءِ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر عابد قيوم سلهري ۽ ايمبيسيڊر شفقت ڪاڪاخيل پڻ خطاب ڪيو. صدر ا??س ڊي پي آءِ پاران ڪورونا جي وبا جي ڏس ۾ پائيدار ترقياتي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ کي ساراهيندي چيو ته ٿنڪ ٽينڪس ۾ بهترين فڪر ۽ دانش جو عنصر موجود آهي جڏهن ته انهن کي ان جي مناسب انداز ۾ مارڪيٽنگ پڻ ڪرڻ گهرجي ته جيئن ان سان ??اليسي ۽ فيصلاسازي جي عمل ۾ فائدو کڻي سگهجي. صدر چيو ته ڪوويڊ 19 جي وبا جي دوران حڪومت، نجي شعبي، عالم سڳورن ۽ ميڊيا سميت معاشري جي سمورن طبقن ڀرپور ذميواري جو مظاهرو ڪيو. وزيراعظم عمران خان ??احد ليڊر آهي جنهن سڀ کان اڳ مڪمل لاڪ ڊائون بدران سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي لاڳو ڪئ??. ه?? چيو ته ان حڪمت عملي تحت ڊيٽا جي بنياد تي قدم کنيا ويا جن جا حوصلي جوڳا نتيجا نڪتا. صدر چيو ته حڪومت ماڻهن خاص طور تي ڪمزور طبقن جي سماجي تحفظ، صحت جي سهولتن جي فراهمي، غربت جي خاتمي، غذائي تحفظ ۽ ويڪسي نيشن جي سلسلي ۾ ٺوس قدم کنيا آهن. هن چيو ته ڪورونا سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال ان ڳالهه جو گهرج ڪري ٿي ته اسان کي علاج کان اڳ احتياط تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، اهڙي طرح ڪيترين ئي بيمارين کان بچاءُ ممڪن آه??. ه?? چيو ته ڪورونا جي وبا جي ڪري جتي وڏا مسئلا پيدا ٿيا آهن، اتي ورچوئل تعليم جهڙا موقعا پڻ پيدا ٿيا آهن جن جي پاڪستان جهڙن ملڪن کي سخت ضرورت هئي. صدر ڊيجيٽلائيزيشن جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته ڊيٽا جي ڪري پاڪستان ۾ حڪومت ڪورونا وبا دوران ??حروم ۽ مستحق طبقن تائين پهچ حاصل ڪئ??. ه?? چيو ته ٽيڪنالاجي جي ڪري عورتن کي قومي معيشت جي ڌارا ۾ شامل ڪيو پيو وڃي، حڪومت پاران آسان ??رضن ۽ هنرمند بڻائڻ ۾ سهولتون فراهم ڪيون پيون ڃن، ان سان عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۾ مدد ملندي. صدر غريب ملڪن مان ??سيلن جي امير ملڪن کي منتقلي جو پس منظر پيش ڪندي چيو ته اهو سلسلو ڪالونيل دور کان ??لندو پيو اچي، اڄ جي دور ۾ مني لانڊرنگ انهي استحصال جي هڪ شڪل آهي جنهن ۾ غريب قومن جو پئسو غيرقانوني طور تي ترقي يافته ملڪن ۾ منتقل ڪيو وڃي ٿو، اهڙي طرح انسانيت جو استحصال ٿي رهيو آه??. ه?? چيو ته اولهه دنيا اسان کي انساني همدردي جو درس ڏي ٿي جڏهن ته پاڻ ان جو پنهنجو ڪردار سڀني جي سامهون آهي، ان ڏس ۾ هن پوپ فرانسس جي يوناني جزيري ۾ پناهگيرن جي ڪئمپ جي دوري جي موقعي تي ڏنل هڪ تازي بيان جو پڻ حوالو ڏنو جنهن ۾ هن چيو ته ”يورپ مهاجرت جي حوالي سان“ قومپرستاڻي اناپرستي جو مظاهرو ڪري رهيو آهي، اڄ اسان جمهوريت جي پسپائي جو مشاهدو ڪري رهيا آهيون. صدر چيو ته پاڪستان گذريل 40 سالن کان ??کين افغان ??ناهگيرن کي پناهه ڏني آهي، ان جي خلاف پاڪستاني معاشري ۾ ڪڏهن ڪو آواز نه اٿاريو ويو. صدر عارف علوي پاڪستان جي بهتر مستقبل جي لاءِ تعليم، صحت ۽ معيشت جي شعبن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ان حوالي سان ??نڪ ٽينڪس اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ان کان اڳ وزيراعظم جي سماجي ڀلائي واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر پنهنجي خطاب ۾ احساس پروگرام تحت معاشري جي غريب ۽ ڪمزور طبقن جي ڀلائي لاءِ کنيل قدمن کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته ڪورونا جي وبا دوران ??اڪستان حڪومت پاران ڪمزور طبقن جي سماجي تحفظ جي لاءِ ڪيل ڪوششن کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو ويو آه??. ه?? چيو ته احساس پروگرام تحت مختلف منصوبن جا مقصد حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ لاڳاپيل حصيدارن سان ??شاورت سان ??ڌيڪ بهتري جي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. ان ??وقعي تي ا??س ڊي پي آءِ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر عابد قيوم سلهري پائيدار ترقياتي ڪانفرنس جي پس منظر ۽ مقصدن بابت آگاهه ڪيو. هن ڪورونا وبا دوران حڪومت جي موثر حڪمت عملي کي ساراهيندي چيو ته ان ??شڪل صورتحال ۾ حڪومت عوام کي صحت، بک ۽ غربت ۽ معيشت جي وڏي بحران کان بچائڻ ۾ ڪامياب رهي آه??. ه?? چيو ته ڪانفرنس ۾ ملڪ ۾ پائيدار ترقي جي حڪمت عملي تي غور ڪيو ويندو ۽ ان بابت سفارشون تيار ڪيون وينديون. ايمبيسيڊر شفقت ڪاڪاخيل پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ا??س ڊي پي آءِ غيرسرڪاري ٿنڪ ٽينڪ جي حيثيت سان حڪومت جي پائيدار ترقي جي ڪوششن ۾ تعاون جاري رکندو. هن ڪورونا وبا دوران ??وجوده حڪومت جي سماجي تحفظ، صحت ۽ معاشي استحڪام جي ڪوششن کي ساراهيو.