اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي پاڻي جي کوٽ ۽ گلوبل ??ارمنگ تي ضابطو آڻڻ لاءِ جامع قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته آبي وسيلن جي تحفظ ۽ مينيجمينٽ لاءِ وڌيڪ تحقيق سان مثبت نتيجا نڪرندا، حڪومت ملڪ ۾ پاڻي جي وڌندڙ کوٽ جي مسئلي جي حل لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پاڻي جي اس??عمال جي موثر نظام تي عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، پاڪستان ڪائونسل آف ريسرچ ان واٽر ريسورسز جو چيئرمين ڊا??ٽر محمد اشرف، انٽرنيشنل واٽرمينيجمينٽ انسٽيٽيوٽ جو ڊائري??ٽر جنرل مارڪ سمٿ، انسٽيٽيوٽ جو پاڪستان ۾ نمائنده ڊا??ٽر محسن حفيظ، انٽرنيشنل واٽر مينيجمينٽ انسٽيٽيوٽ جو ميمبر بورڊ آف ڊائري??ٽر سيمي ڪمال سميت موسمياتي ۽ آبي ماهرن شرڪت ڪئي. صدر تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سڄي دنيا کي گلوبل ??ارمنگ ۽ ٻيا موسمياتي چئلينجز درپيش آهن، حڪومت پاڻي جي ذخيرن جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، زراعت جي شعبي ۾ پاڻي جو بهتر اس??عمال تمام گهڻو ضروري آهي، هن ڪانفرنس جي انعقاد کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس پاڻي جي اسٽوريج جي حوالي سان وڏو ڪم ڪيو، گلوبل ??ارمنگ به پاڻي جي ذخيرن لاءِ مسئلو آهي، پاڻي جي اس??عمال ۾ سڀني کي ذميداري جو احساس ڏيارڻ گهرجي، پراڻي وقتن ۾ تهذيب دريائن سان گڏ هلندي هئي، بلوچستان ۾ سوين ننڍا ڊيم بڻجي رهيا آهن، اڄ پاڻي کي ري سائيڪل ڪرڻ جي ضرورت آهي، صدر چيو ته گلوبل ??ارمنگ ۽ ٻين موسمياتي چئلينجن سان گهٽ ۽ وڌيڪ بر??اتون پريشاني جو سبب آهن، هن چيو ته بلوچستان، ٿرپارڪر ۽ چولستان کي پاڻي جي کوٽ جو مسئلو درپيش آهي، ڪوئيٽا ۾ ٽن سالن کان پاڻي جي سنگين کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ڊا??ٽر عارف علوي چيو ته بلوچستان ۾ سون جي تعداد ۾ ننڍا ڊيم بڻجي رهيا آهن ته جيئن ڏورانهن علائقن ۾ پاڻي کي ذخيرو ڪري سگهجي، پاڻي جي تحفظ لاءِ حڪومتي سطح تي قدم اڻٽر آهن، زرعي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن ۽ آبادگارن کي به پاڻي جي بچت کي پنهنجو شعار بڻائڻ گهرجي، هن چيو ته پاڻي بچائڻ لاءِ ڀرپور قدمن جي ضرورت آهي، وضو ڪندي وقت پاڻي جي اس??عمال ۾ احتياط ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، صاف پاڻي جي فراهمي ۽ تحفظ سان بيمارين کان به بچي سگهجي ٿو. دنيا جي ٻين ملڪن وانگر پاڪستان ۾ به پاڻي جي تحفظ لاءِ سرڪاري ۽ غير سرڪاري سطح تي قدمن جي ضرورت آهي، ڪراچي ۾ صنعت کي ري سائيڪل پاڻي فراهم ڪرڻ گهرجي، صدر ڊا??ٽر عارف علوي چيو ته پنجاب ۾ زمين مان 12 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڪڍيو ويندو آهي جيڪو ڳڻتي جو سبب آهي، صدر چيو ته گلوبل ??ارمنگ جي نتيجي ۾ هوا ۾ پاڻي جو تناسب وڌي ويندو جنهن سان ڪيترن ئي علائقن ۾ گهٽ ۽ ڪٿي وڌيڪ بر??اتون ٿينديون. هن 2018ع جي واٽر پاليسي کي گهڻو بهتر قرار ڏيندي چيو ته ان تي عملدرآمد حڪومت جي ذميداري آهي، صدر چيو ته قديم تهذيبون ۽ شهري آباديون دريائن جي ڪنارن تي آباد هيون ۽ موسمياتي تبديلي جي نتيجي ۾ جڏهن انهن دريائن پنهنجو رخ بدلايو ته اهي شهر به ختم ٿي ويا، صدر ڪانفرنس جي انعقاد تي منتظمين جو ٿورو ادا ڪندي چيوته 1960ع ۾ ننڍي کنڊ ۾ پاڻي جي مسئلي جي حل لاءِ سنڌ طاس آبادي معاهدو ٿيو. ان وقت اس??ن جو خيال هو ته اس??ن وٽ پاڻي ڪافي آهي، پر هاڻي صورتحال اها آهي ته پاڻي جي کوٽ وڌي رهي آهي، هاڻي دنيا کي گلوبل ??ارمنگ درپيش آهي، پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ سان به معاملو حل نه ٿيندو.