پشاور – 02 جنوري (اي پي پي) ضلعي ڪرڪ جي علائقي ٽيري ۾ هندوئن جي مقدس جڳهه شري پرم هنس مهاراج جي سماڌي تي پنهنجي مذ??بي رسمن جي ادائيگي جي لاءِ سوين هندو ياترين جي آمد ٿي. مذ??بي رسمن جي ادائيگي جي لاءِ ايندڙ 215 ياترين مان 173 غيرملڪي ماڻهو جن ۾ پ??ڙيسري ملڪ ڀارت جا 159 شهري، باقي غيرملڪي ۽ پاڪستان جي ٻين علائقن سان تعلق رکندڙ هندو شامل هئا. هندو برادري جو قافلو پنهنجي مذ??بي رسمن جي ادائيگي لاءِ واهگه بارڊر تان پاڪستان ۽ اتان هوائي سفر ذريعي پشاور پهتو هو. جيڪو بعد ۾ اتان روانو ٿي سخت سيڪيورٽي ۾ ضلعي ڪرڪ جي ٽيري سماڌي پهتو جتي هندو برادري جي مذ??بي رسمن جي موقعي تي ڪرڪ پوليس پاران سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا ويا. ڊي پي او ڪرڪ شفيع الله خان گنڊاپور سيڪيورٽي صورتحال جو پ??ڻ جائزو وٺي رهيو هو جڏهن ته ٽيري سماڌي تي ايس پي انويسٽيگيشن ظاهر شاهه خان سموري صورتحال جي نگراني ڪري رهيو هو. ڀارت مان آيل هندوئن سميت غيرملڪي ياترين سيڪيورٽي انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان حڪومت جا ٿورا مڃ??ند?? سيڪيورٽي انتظامن کي خوش آئنده قرار ڏنو. ان موقعي تي هندو ياترين پوليس جي سيڪيورٽي انتظامن کي ڏسندي انتهائي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته اسان کي ايترو پ??وٽوڪول ڏنو ويو آهي جنهن تي پاڪستان حڪومت ۽ ڪرڪ پوليس جا سچي دل سان ٿورائتا آهيون جڏهن ته ان موقعي تي هندو ڪائونسل پاڪستان جي ايم اين اي رميش ڪمار پوليس جي سيڪيورٽي انتظامن کي ساراه??ند?? چيو ته ڪرڪ پوليس پنهنجي پوري ذميواري ۽ ايمانداري سان ڊيوٽي ادا ڪئي آهي. جنهن سان اسان سڀني کي انتهائي خوشي محسوس ٿي آهي، جن اسان جي مذ??بي رسمن جي ادائيگي دوران پرامن ماحول فراهم ڪيو. هن چيو ته ٽيري سماڌي تي ياترين جي اچڻ سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي ۽ اعتماد جو هڪ نئون باب کلڻ وارو آهي. جيڪو ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي لاءِ خوش آئنده آهي.