اسلام آباد – 10 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ سيڪيورٽي اهلڪارن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي تعزيت ڪئي. صدر 30 ڊسمبر 2021ع تي اتر وزيرستان ۾ سرچ آپريشن دوران شهيد ٿيندڙ فوجي اهلڪارن جي وارثن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران ج??ري ب??ان موجب صدر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. صدر قوم جي لاءِ قرباني ۽ خدمتن تي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر حوالدار محمد منور ۽ ??پا??ي محمد شيراز جي گهرڀاتين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر ??پا??ي ذڪاءُ الله ۽ ??پا??ي فرحان جي پونئيرن سان پڻ تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي 5 جنوري تي ٽانڪ ضلعي ۾ سرچ آپريسن دوران شهيد ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان پڻ ڳ??لهه ٻولهه ڪئي. صدر ??پا??ي شعيب حسن ۽ ??پا??ي فريدالله جي پونئيرن سان رابطو ڪيو. صدر ڪيچ ضلعي بلوچستان ۾ شهيد ٿيندڙ لانس نائيڪ منظور عباس ۽ ??پا??ي عبدالفتح ??ي وارثن سان پن تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر ڊيره اسماعيل خان ۾ ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ ??پا??ي الياس جي وارثن سان پڻ ڳ??لهه ٻولهه ڪئي.