اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان يونان سان تعاون تي ٻڌل لاڳاپن ک?? تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مائيگريشن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن يونان جي مائيگريشن ۽ سياسي پناهه واري وزير پناگوئٽس ميتاراچي سان ڳالهائيندي چئي جنهن وفد سان گڏ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته اسرندڙ ملڪن مان ترقي يافته ملڪن ک?? غيرقانوني ??الياتي وهڪري اسرندڙ ملڪن جي وسيلن ک?? سخت نقصان پهتو آهي ۽ اهو عمل غيرقانوني ??ائيگريشن جهڙن مسئلن جو پڻ سبب ??ڻجي رهيو آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته غيرقانوني ??الياتي وهڪري کي روڪڻ سان گڏوگڏ قانوني ??ائيگريشن جي لاءِ رستا پڻ ڳوليا وڃن. ان ڏس ۾ وزيراعظم يونان پاران قانوني ??ائيگريشن چينلز جي لاءِ قدمن ک?? ساراهيو جنهن سان پاڪستاني ??نرمند ليبر جي لاءِ پڻ راهون ک??نديون. وزيراعظم افغانستان ۾ سنگين انساني بحران ک?? منهن ڏيڻ ۽ معاشي ??دح??لي کي روڪڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ?? چيو ته 40 ملين افغان عوام جي تڪليفن ک?? گهٽ ڪرڻ جي لاءِ افغانستان جي منجمند اثاثن ک?? بحال ڪرڻ پڻ لازمي آهي ڇو ته ان سان هڪ پائيدار افغان معيشت جي تعمير ۽ افغانين جي وڏي پئماني تي ٻين ملڪن ۾ چرپر ي روڪڻ ۾ مدد ملندي. يونان جي وزير ميتاراچي پاڪستان يونان لاڳاپن ۽ ٻطرفي گڏيل مٽاسٽا جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ميتاراچي وزيراعظم عمران خان ک?? يونان جي وزيراعظم پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچائيندي وزيراعظم کي يونان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. وزير ميتاراچي يونان جي معيشت ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي نتيجاخيز ڪردار کي ساراهيو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قانوني ??ائيگريشن جي لاءِ تجويز ڪيل منصوبي جو خاڪو پڻ پيش ڪيو.