اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ??مران خان جون تباهه ڪيل حالتون اسان سنڀالي رهيا آهيون، جيڪو عوامي خيال اقتدار وڃڻ کانپوءِ ياد اچي، ??هو منهن تي چماٽ هوندو آهي. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪندي هن چيو ته ??ڪومت توهان جي معاشي دهشتگردي جي اثرن جي ڀنور مان ڪڍي رهي آهي، ??وهان جي تڪبر، ضد، انتشار ۽ نفرت ا??گي?? سياست جي اثرن کان ملڪ کي پاڪ ڪري رهي آهي. هن چيو ته چار سال ۾ ملڪ ۾ تبديلي جو نعرو هڻندڙن هر شعبي ۾ تباهي جا داستان ڇڏيا آهن.