اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي پارلياماني وفد سان گڏ اسلام آباد ۾ يو اي ??ي جي سفارتخا??ي ۾ وڃي متحده عرب امارات جي صدر شيخ خليفه ب?? زيد النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي، سينيٽ چيئرمين تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات لک??ا، هن چيو ته شيخ خليفه ب?? زيد النهيان جو لاڏاڻو نه رڳو يو اي ??ي جي عوام لاءِ وڏو نقصان آهي پر پاڪستانين ۽ مسلمان امت لاءِ وڏو صدمو آهي، سندس وفات سان پاڪستان هڪ سچي ۽ مخلص دوست کان محروم ٿي ويو آهي. انسانيت ۽ مسلمان امت جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ شيخ خليفه ب?? زيد النهيان جون خدمتون سدائين ياد رکيون وينديون. سينيٽ چيئرمين چيو ته هو يو اي ??ي جي حڪومت ۽ عوام جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي، سينيٽ چيئرمين دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جاءِ ڏي. سينيٽ چيئرمين سان گڏ پارلياماني وفد ۾ ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي، سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ڊاڪٽر شهزاد وسيم، سينيٽرز پرنس احمد عمرزئي، مولانا عبدالغفور حيدري، عبدالقار، دوست محمد، نصيب الله بازئي شامل هئا. پارلياماني وفد شيخ خليفه ب?? زيد النهيان جي مغفرت ۽ بلند درجن لاءِ دعا ڪئي.