اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چي?? آهي ته عمران خان پنهنجي ورڪرز کي رستن تي ڇڏي پاڻ بني گالا سمهڻ هليو ويو، سندس لانگ مارچ بري طرح ناڪام ٿي وي?? آهي، عوام ٻڌائي ڇڏي?? آهي ته هو ترقي ۽ خوشحالي جي سياست چاهي ٿي، لشڪرڪشي، فساد ۽ فتني جي سياست رد ٿي چڪي آهي، حڪومت پنهنجو مدو پ??رو ڪندي، چونڊن جو اعلان حڪومت ۽ اتحادي مقرر وقت تي ڪندا، وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي عوام کي معاشي بدحالي مان ڪڍڻ جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهي?? آهي. پارليامينٽ ??ائ??س ٻاهران صحافين سان ڳال??ائ??ندي هن چ??و ته ڪالهه پوري قوم ڏٺو ته تخريبي ۽ تعميري سياست ۾ ڪهڙو فرق هوند?? آهي. هن چ??و ته پاڪستان جي عوام انهن جي چهرن کي سڃاڻي چڪي آهي، 2014ع ۾ به عمران نيازي ڌرڻو ڏنو ۽ خالي هٿ ويو، هن ڀيري به هو پ??هنجي ورڪرز کي رستن تي ڇڏي بني گالا سمهڻ هليو ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان آءِ ايم ايف سان ڳالهين کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ ڊرامو رچايو. هن پوليس جي گاڏين تي حملا ڪيا، پوليس اهلڪار شهيد ٿيو، عمران خان سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي توهين ڪئي، ڪنٽينر تي بيهي اعلان ڪيو ته ڪو فيصلو ناهي ٿيو، ڊي چوڪ پهچو، جڏهن اهي ڊي چوڪ جي ويجهو آيا ??ه انهن وٽ رڳو ڪجهه ماڻهو باقي رهجي ويا هئا، پوءِ اتان کيس ڀڄڻو پ??و. هن چ??و ته عمران خان جو 6 ڏينهن جو الٽي ميٽيم سندس ناڪام سياست جو ماتم آهي هو هاڻي ڪڏهن به واپس نه ايندو.