سيالڪوٽ – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ مير عمر فاروق مائر چيو آهي ته ڀارت جي اهڙي ڪنهن به فيصلي کي قبول نه ڪنداسين جيڪو ڪشميرين جي خودمختياري جي حق ۽ انهن جي آزادي جي خلاف هوندو. هن اها ڳالهه اي پي پي سان ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي چئي. مير عمر فاروق مائر چيو ته پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي قانوني حيثيت ۾ تبديلي کي ڪڏهن به تسليم نه ڪنداسين، ڀارت 5 آگسٽ 2019ع ج?? قدمن سان مظلوم ڪشميرين جي بن??ادي حقن تي ڌاڙو هنيو آهي ۽ اسان ڀارت جي اهڙي ڪنهن به فيصلي کي قبول نه ڪنداسين جيڪو ڪشميرين جي خودمختياري جي حق ۽ انهن جي آزادي جي خلاف هوندو. هن چيو ته ڪشمير پاڪستان جي ??هه رڳ آهي، پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي آزادي حاصل ڪرڻ تائين انهن سان گڏ بيٺل آهي.