اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اتر وز??رسان ۾ پاڪ فوج جي قافلي تي خودڪش حم??ي جي مذمت ڪندي پاڪ فوج جي چار بهادر جوانن جي شهادت تي دلي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته اهڙا بزدلاڻا حم??ا ملڪ کي دهشتگردي جي لعنت مان ڇ??ٽڪارو ڏيارڻ جي اسان جي عزم کي ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. هن محرم الحرام جي مقدس مهيني ۾ ملڪ جو دفاع ڪندي پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪرڻ تي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر شهيدن جي گهرڀاتين سان تع??يت جو اظهار ڪيو.