اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان ۾ گڏيل قو??ن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر جولين هارنيس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ گڏيل قو??ن جي پائيدار ت??قي??تي تعاون جي فريم ورڪ، ٻوڏ کان ڇوٽڪاري، خوراڪ جي حفاظت ۽ ماحولياتي نظام جي بحالي سميت گڏيل قو??ن جي پاڪستان سان ڪم ۽ تعاون جي مختلف شعبن تي ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم گڏيل قو??ن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن جي لاءِ پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجائيندي چيو ته امن قائم ڪرڻ، انساني همدردي ج?? سرگرمين، موسمياتي تبديلين ۽ پائيدار ترقي ج?? لاءِ عالمي تعاون جي شعبن ۾ پاڪستان گڏيل قو??ن جي ڪمن ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. وزيراعظم گڏيل قو??ن جي ايجنڊا 2030ع ۽ پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي اڳڀرائي ج?? حمايت ۾ گڏيل قو??ن پاران ادا ڪيل اهم ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم سڄي پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي تي سخت ڳڻتي ج?? اظهار ڪندي چيو ته متاثر علائقن ۾ ماڻهن کي انساني بنيادن تي ريليف جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. گڏيل قو??ن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر وزيراعظم کي گڏيل قو??ن جي پاڪستان ۾ پائيدار ت??قي?? انساني امداد، ماحولياتي تحفظ، خوراڪ جي حفاظت ۽ موسمياتي تبديلي ج?? شعبن ۾ جاري سرگرمين کان آگاهه ڪيو. هن ڪورونا وائرس جي وبا سان لچڪدار بحالي ۽ پائيدار ترقي ج?? لاءِ پاڪستان جي جاري ڪوششن ۾ گڏيل قو??ن پاران مسلسل حمايت کي ورجايو. جولين هارنيس جنوري 2020ع کان پاڪستان ۾ گڏيل قو??ن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر طور پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي، گڏيل قو??ن جي ڪنٽري ٽيم جنهن ۾ گڏيل قو??ن جون سموريون ايجنسيون، فنڊز، پروگرام شامل آهن، جي سربراهي ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان جي ت??قي??تي ترجيحن ۽ منصوبن سان گڏيل قو??ن جي ملڪ ۾ قدمن جي هم آهنگي يقيني بڻائي رهيو آهي.