اسلام آباد – 19 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته وفاق ۽ صوبا گڏجي پوليو جهڙي موذي مرض جو خاتمو ڪندا ۽ پنهنجي ٻ??رن جو مستقبل محفوظ بڻائيندا. پوليو جي خاتمي و??ري مهم شروع ٿيڻ تي خطاب ڪندي و??يراعظم سمورن پوليو ورڪرز ۽ سيڪيورٽي فورسز جي جوانن کي پڻ خراج تحسين پيش ڪيو جيڪي خطرن کي منهن ڏئي ۽ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن. ان موقعي تي و??يراعظم ٻ??رن کي پوليو جا ڦڙا پياري پوليو جي خاتمي و??ري مهم جي شروعات ڪئي. صحت وارو وفاقي وفاقي و??ير عبدالقادر پٽيل، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير مريم اورنگزيب، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم چيو ته پوليو خطرناڪ مرض آهي جيڪو ٻ??رن کي معذوري ۾ مبتلا ڪري سگهي ٿو، ان لاءِ سمورا والدين پنهنجي 5 سالن تائين جي عمر جي ٻ??رن کي پوليو جا ڦڙا لازمي پيارين ۽ قوم جي معم??رن جو مستقبل ٺاهين. وزيراعظم چيو ته پو??ي دنيا ۾ پوليو جو خاتمو ٿي چڪو آهي، پاڪستان ۾ به اهو مرض دم ٽوڙي چڪو هو پر بدقسمتي سان ڪجهه علائقن ۾ پوليو جا ڪيس ٻيهر سامهون آيا. وزيراعظم ان عزم جو اظهار ڪيو ته وفاق ۽ صوبا گڏجي پوليو جو خاتمو ڪندا ۽ گڏيل بصيرت ۽ قوت کي استعمال ۾ آڻيندي ٻ??رن جو مستقبل محفوظ بڻائيندا. وزيراعظم پوليو ورڪرز کي خراج تحسين پيش ڪيو جيڪي پاڪستان جي ڪنڊڪڙڇ ۾ هر قسم جي حالتن ۽ ڏکين علائقن ۾ سموريون رڪاوٽون عبور ڪندي ٻ??رن کي گهر گهر وڃي پوليو جا ڦڙا پياري رهيا آهن. وزيراعظم پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻ دوران پنهنجي جانين جي قرباني ڏيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي جوانن کي پڻ خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته پو??ي قوم انهن جي قربانين کي سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم صحت واري وفاقي و??ير، سنڌ جي وڏي و??ير، سمورن صوبائي حڪومتن بشمول ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جا پڻ ٿورا مڃيا ته اهي پوليو جي خلاف مهم ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. هن ان خير جي ڪم ۾ حصو وٺندڙ سمورن اد??رن ۽ تنظيمن جا پڻ ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته اسان گڏيل ڪوششن کي استعمال ۾ آڻي الله جي فضل ۽ ڪرم سان ان مرض جو خاتمو ڪنداسين.