اسلام آباد-20 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال پاڪستان جي وڏي انگ کي اپيل ڪئي ??هي ته هو ٻوڏ متاثرن جي دل کولي مدد ڪري، ڪابه آفت يا آزمائش ڪنهن قوم لاءِ وڏو امتحان هوندو ??هي ته ٻئي پاسي هڪ موقعو به فراهم ڪندي ??هي ته اچو هن آفت کي موقعو بڻائي پنهنجي اندر اعتماد پيدا ڪريون ته جيئن ان آفت جي سامهون اسان جي صلاحيت وڏي ۽ مضبوط آهي. عالم سڳورا منبر ۽ محراب ذريعي به ماڻهن ۾ مدد جو جذبو اُڀارين، حڪومت فيصلو ڪيو ??هي ته سڄي ملڪ جي يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ 25 لک شاگرد هڪ مدر اينڊ چائلڊ نيوٽريشن پيڪ بڻائي متاثر علائقن ۾ موڪليندا، صوبائي حڪومتن سان گڏجي ايڊ اپ اي ڊسٽرڪٽ پروگرام شروع ڪري رهيا آهيون. اهڙو اظهار هن اين آر سي سي ۾ چيئرمين اين ڊي ايم اي ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز ۽ نيشنل ڪوآرڊينيٽر اين ايف آر سي سي ميجر جنرل ظفر اقبال سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اين ايف آر سي سي ۾ حڪومت جي سطح تي وفاقي، صوبائي حڪومتون، هٿياربند فوج، سول سوسائٽي ۽ عالمي ادارن جي سهڪار سان فلڊ ريسپانس تي مربوط ڪم ٿي رهيو آهي. پاڪستان کي جديد دؤر جي سڀ کان وڏي موسمياتي آفت جو مُنهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، جديد تاريخ ۾ ايترو وڏو ڊزاسٽر ناهي آيو، جڏهن ايتري وڏي تباهي ٿيندي ??هي ته ڏُکيائين تمام گهڻيون اينديون آهن، ??هر??ين ڏينهن کان اسان ڪوشش ڪئي ته ان حوالي سان پاڪستان جي عوام ۽ دوست ملڪن کي شامل ڪري جلد کان جلد نقصانن تي ضابطو آڻيون ۽ ماڻهن کي معمول جي زندگيءَ تي آڻيو??. ه?? چيو ته پاڻيءَ جي نيڪالي سست هجڻ وارن علائقن، بلوچستان جي جابلو علائق?? ۾ ??ديد برساتن، ڪي پي ڪي ۾ برساتن کان وڏي تباهي ٿي آهي، پاڻيءَ جو هڪ وڏو سمنڊ بلوچستان جي اوڀر ضلع?? ۾ ??يٺل آهي، سڄي جا سڄا ضلعا پاڻيءَ ۾ ٻُڏل آه??. ه?? چيو ته پاڪستان جو هڪ ڀاڱي ٽي حصو ٻوڏ سبب متاثر ٿيو آهي، 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا آهن، 1500 ماڻهو فوت ٿيا آهن، 8 لک چوپائي مال جو نقصان ٿيو آهي، اسان جي فوڊ سيڪيورٽيءَ کي شديد نقصان پهتو آهي. هن ٻُڌايو ته چانورن سميت ٻيو فصل تباهه ٿيو آهي. هن چيو ته حڪومت، هٿياربند فوج ۽ ادارا گڏجي ڪم ڪري رهيا آه??. ه?? چيو ته اسان جي ڪوشش ??هي ته وڌ کان وڌ موبائل ڪلينڪ ۽ـ ميٽرنٽي سينٽر بڻايا وڃن، صحت جي شعب?? تي توجهه ڏئي رهيا آهيو??. ه?? چيو ته هاڻي وقت اچي ويو ??هي ته سرنديءَ وارا ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪن. آخري متاثر شخص جي بحاليءَ تائين اسان آرام سان نه ويهنداسي??. ه?? چيو ته حڪومت فيصلو ڪيو ??هي ته هائر ايجوڪيشن ڪميشن ذريعي سڀني يونيورسٽين تائين پهچنداسين ۽ اتي تعليم حاصل ڪندڙ 25 لک شاگردن ذريعي هر شاگرد هڪ مدر اينڊ چائلڊ نيوٽريشن پيڪ بڻائي، اهڙيءَ طرح 2 ملين پيڪ متاثرن تائين پهچائينداسي??. ه?? چيو ته حڪومت اهو به فيصلو ڪيو ??هي ته جيڪي ضلعا ٻوڏ سبب متاثر ناهن ٿيا انهن ذريعي سسٽر ڊسٽرڪٽ پروگرام شروع ڪري رهيا آهيون جنهن ۾ وڏن ضلعن وٽ وسيلا آهن اهي ايڊ اپ اي ڊسٽرڪٽ ڪندا، هڪ مهيني لاءِ متاثر ضلعي جا انتظامي معاملا سنڀالي ان کي بهتر ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ان حوالي سان صوبائي حڪومتن کي درخواست ڪري رهيا آهيون ته ان مشڪل وقت ۾ اسان سان سهڪار ڪن. ان موقع?? تي اين ڊي ايم اي جي چيئرمين چيو ته سنڌ ۽ بلوچستا?? ۾ ??مام گهڻو نقصان ٿيو آهي، ڪوبه ملڪ اڪيلي سر اهڙي ڏُکيائين کي مُنهن نٿو ڏئي سگهي، حالتن کي نظر ۾ رکندي حڪومت گڏيل قومن کان مدد جي اپيل ڪئي آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان جو دؤرو ڪيو ۽ عالمي برادريءَ کي امداد جي اپيل ڪئي ??هي جنهن جي نتيجي ۾ دوست ملڪن کان رليف جو سامان اچڻ شروع ٿيو آهي، هاڻي تائين 20 ملڪن مان 144 رليف اُڏامون اچي چڪيون آهن، 66 اُڏامون اين ڊي ايم اي وصول ڪيون، 10 اُڏامون ايندڙ هفتي اچڻيون آهن. يو ايس ايڊ، يونيسيف، ريڊ ڪريسينيٽ ۽ ٻين ادارن پاڻ سامان متاثر علائقن تائين پهچايو آهي. هن چيو ته دوست ملڪن اين ڊي ايم کانسواءِ خيما ۽ پاڻي پاڪ فوج ۽ صوبائي ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽيءَ ذريعي موڪليا آه??. ه?? چيو ته نقصان تمام گهڻو ??هي ان ڪري متاثرن کي وڌيڪ امداد جي ضرورت آهي. دوائون، خوراڪ، فيلڊ اسپتال، ڪمبل، سَوڙن جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان دوست ملڪن جا ٿورائتا آهيون جن هن ڏُکين حالت?? ۾ ??سان جي مدد ڪئي آهي. هن سڀني پاڪستانين کي اپيل ڪئي ته دل کولي ٻوڏ متاثرن لاءِ عطيو فراهم ڪن. اين ايف آر سي سي جي نيشنل ڪوآرڊينيٽر ميجر جنرل ظفر اقبال چيو ته وزيراعظم جي هدايتن تي اين ايف آر سي سي ون ونڊو آپريشن ڪري رهيو آهي. وفاقي، صوبائي حڪومتون، هٿياربند فوج، امدادي ادارا، سول سوسائٽي ۽ آءِ اين جي اوز سان گڏجي متاثرن تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. روزانه جي بنياد تي صوبائي ۽ ضلعي انتظاميه سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيو??. ه?? چيو ته بلوچستان ۽ سنڌ ۾ ريل نيٽ ورڪ ۽ روڊن جي انفراسٽرڪچر کي بحال ڪرڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي، ڪيتريون ئي شاهراهون بحال ٿي چڪيون آه??. ه?? چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت ڪڻڪ جي ڪٿي به کوٽ ناهي، اسان وٽ گذريل سال کان وڌيڪ ذخيرا موجود آه??. ه?? چيو ته حڪومت پاڻمرادو قيمتون وڌائيندڙن خلاف ڪارروائي ڪندي. هن چيو ته جن علائقن ۾ پاڻي بيٺل هوندو انهن علائق?? ۾ ??ورج مکي جا ٻج فراهم ڪيا ويندا. هن چيو ته مليريا سميت ٻين بيمارين جو مقابلو ڪرڻ لاءِ متاثر علائقن ۾ ڪم ڪري رهيا آهيون.