نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته پاڪستان اق??يت?? جي حقن جي فروغ ۽ تحفظ کي وڏي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان جي آئين ۾ انهن جي حقن جو تحفظ ڪيو ويو آهي ۽ عدليه انهن کي برقرار رکيو آهي. مملڪتي وزير اها ڳالهه نيويارڪ ۾ آمريڪا جي عالمي مذهبي آزادي بابت سفير رشاد حسين سان ملاقات دوران چئي. هن چيو ته پاڪستان ج?? پارليامينٽ اق??يت?? سميت سمورن شهرين جي انساني حقن جي تحفظ کي تمام گهڻي سنجيدگي سان وٺي ٿي، مذهبي هم آهنگ?? پاڪستان جي طاقت آهي ۽ مذهبي اق??يت??ن پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. هن چيو ته پارليامين??، عدليه ۽ خدمتن ۾ انهن جي نمائندگي آهي، انهن کي سياسي طور تي ٺوس بڻائڻ ۽ انهن جي نمائندگي وڌائڻ جي شعوري ڪوششون ڪيون پيون وڃن. مملڪتي وزير چيو ته ڀارت ۾ وڌندڙ عدم برداشت، انتهاپسندي ۽ اق??يت?? تي ظلم ۽ ڏاڍ ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ڪشميرين جي خلافل مسلسل ڏاڍ عالمي برادري خاص طور تي آمريڪا جي لاءِ شديد ڳڻتي جو سبب هجڻ گهرجي. رشاد حسين پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڪري قيمتي جانين جي نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ ملڪيتن ۽ انفراسٽرڪچر ج?? تباهي تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن مذهبي آزادي سان لاڳاپيل معاملن تي آمريڪا سان پاڪستان جي مسلسل رابطن کي ساراهيو.