اسلام آباد – 07 آڪٽوبر (اي پي پي( منصوبابندي، ترقي، سڌارن واري وفاقي وزير ۽ اين ايف آر سي سي جي ڊپٽي چيئرمين احسن اقبال جي صدارت ۾ نيشنل فلڊ ريسپانس اي??ڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر ۾ اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ نيشنل ڪوآرڊينيٽر اين ايف آر سي سي ميجر جنرل ظفر اقبال، اين ڊي ا??م اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ ريلوي واري وزارت، موصلات واري وزارت، چيف سيڪريٽريز ۽ هيلٿ سيڪريٽريز به موجود هئا. فو??م کي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ رستن ۽ ريلوي لائينن جي ??رمت ۽ بحالي جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. اين ايڇ اي جي چيئرمين فو??م کي بريفنگ ڏيندي ٻڌ??يو ته انڊس هاءِ وي جي ??ڏي حصي ۾ پاڻي لهي چڪو آهي، اين فائيو تي 66 ڪلوميٽر حصي جي تعمير ۽ مرمت ۾ چين مدد ڪري رهيو آهي، اين 5 جي باقي متاثر حصن جي تعمير ۽ مرمت لاءِ اي ڊي پي سان ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي، هن ٻڌ??يو ته سکر کان حيدرآباد موٽر وي لاءِ زمين حاصل ڪئي وئي آهي، ريلوي واري وزارت طرفان فو??م کي ٻڌ??يو ويو ته ا??م ايل ون تي فريٽ ۽ مسافر ٽرينون مڪمل بحال ٿي ويون آهن، جيڪب سبي سيڪشن تي اڃان به ڪجهه پاڻي موجود آهي، ڪوئيٽا تفتان تي 104 پلين جي ??رمت ڪئي وئي آهي، ا??م ايل ٽو تي صرف ٻن پلين جي ??رمت رهجي ??ئي آهي، فو??م رستن ۽ ريلوي لائينن جي بحالي لاءِ هن وقت تائين کنيل قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. فو??م کي صوبائي عملدارن صحت جي شعبي ۾ ٻوڏ کانپوءِ وبائي مرضن تي ضابطو آڻن جي حوالي سان قدمن کان آگاهه ڪيو، سنڌ جي صحت واري سيڪريٽري فو??م کي ٻڌ??يو ته اسان وٽ صحت جي شعبي ۾ ايمرجنسي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي گهربل صلاحيت موجود آهي، ٽيلي ميڊيسن جي شعبي ۾ به ڪم ڪري رهيا آهيون، 2500 نوان ڊاڪٽر ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪري رهيا آهيون، ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ڀرتي جو عمل مڪمل ٿي ويندو. بلوچستان جي صحت کاتي جي عملدارن ٻڌ??يو ته بلوچستان ۾ 1120 ليڊي هيلٿ ورڪرز جا گهر ٻوڏ سبب تباهه ٿيا آهن، فو??م هدايت ڏني ته ليڊي هيلٿ ورڪرز ۽ صحت جي ??ي عملي جي ??قصانن ۽ رليف بابت آگاهه ڪيو وڃي، اجلاس ۾ صوبائي عملدارن متاثر علائقن ۾ آبادگارن ۾ ربيع جي ??صل لاءِ ٻج ورهائڻ جي ??يڪنزم کان آگاهه ڪيو. اين ايف آر سي سي صوبن کي پنجاهه سيڪڙو سبسڊي شيئرنگ بابت سمري جلد منظور ڪرڻ جي ??دايت ڏني.