اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته ڪشميري عوام جي آزادي جي جدوجهد جلد ڪاميابي سان همڪنار ٿيندي، 75 سال اڳ ڪشميري عوام آزادي جي جدوجهد ذ??يعي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير رياست جو سنگ بنياد رکيو. 75 هين ڪشمير تاسيس ڏهاڙي جي موقعي تي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي پن??نجي پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پن??نجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي، عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي پاران انساني حقن جي پائمالي جو نوٽيس وٺي. 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق تي راتاهو هنيو ۽ ڀارت ڪڌي ح??بن سان گهڻي دير پن??نجو غيرقانوني قبضو قائم نه ٿو رکي سگهي. ڀارت جي فاشسٽ حڪومت جا ڪڌا حربا ڪشميري عوام جو عزم ۽ حوصلا ڪ??زور نه ٿا ڪري سگهن. سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو ته اسان پن??نجي ڀائرن ۽ ڀينرن جي جائز خودمختياري جي مقصد جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهيون.