اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز اڄ جمعي ڏينهن فيصل آباد ۾ تنظيمي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم او??ن??زي?? پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته مريم نواز اڄ ٻن ڏينهن جي دوري تي فيصل آباد پهچي رهي آهي جتي هوءَ تنظيمي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي. مسلم ليگ (ن) پنج??ب جو صدر راڻا ثناءُ الله خان پڻ ساڻس گڏ هوندو. سڀاڻي 11 مارچ تي فيصل آباد ۾ پارٽي جو تنظيمي اجلاس ٿيندو جنهن ۾ پارٽي جا مقامي صدر ۽ جنرل سيڪريٽري شرڪت ڪندا. اجلاس ۾ پارٽي جي تنظيمي ڍانچي ۽ ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو. هن چيو ته مريم نواز سوشل ميڊيا، عورتن ۽ يوٿ ونگ جي عهديدارن سان پڻ مل??قات ڪندي. واضح رهي ته مريم نواز پهرين فيبروري کان ملڪ گير تنظيمي دورن جي شروعات ڪئي هئي. هوءَ بهاولپور، مل??ان، ايبٽ آ??اد?? اسلام آ??اد?? راولپنڊي، سرگوڌا، ساهيوال ڊويزن جا دورا ڪري چڪي آهي.