اسلام آباد – 19 ?? مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مند پشين بارڊر مارڪيٽ ۽ گبد پولان ٽرانسميشن لا??ين منصوبن سان سماجي ۽ اقتصادي ترقي جا نو??ن موقعا پيدا ٿيندا ۽ ماڻهن جي زندگي جو معيار بلند ٿيندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ايران جي صدر ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي سان سندس انتهائي تعميري ۽ لاڀائتي ملاقات ٿي آهي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ لا??ِ گڏيل ڪوششن کي تي?? ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان مستقبل جي تعاون جي روڊ ميپ جي لا??ِ واپار، سيڙپڪاري، انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ بجلي جي شعبن کي ترجيحي بڻائڻو آهي. ان مقصد جي لا??ِ آزاد واپار جي معاهدي تي ڪم جي رفتار تي?? ڪرڻ کي ترجيحي ڏني ويندي. وزيراعظم چيو ته ڪالهه بلوچستان جي ماڻهن لا??ِ هڪ يادگار ڏينهن هو. من پشين بارڊر مارڪيٽ ۽ پولان گبد ٽرانسميشن لا??ين جي گڏيل افتتاح سان سماجي ۽ اقتصادي ترقي جا نو??ن موقعا پيدا ٿيندا ۽ ماڻهن جي زندگي جو معيار بلند ٿيندو. هن چيو ته سرحدي منڊين ذريعي واپار جي وڏي گنجائش آهي، جنهن مان اسان فائدو کڻنداسين. مند پشين بارڊر مارڪيٽ 6 سرحدي مارڪيٽن مان هڪ آهي. هن چيو ته انهن سڀني ماڻهن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جن 2009ع کان التوا هيٺ ٽرانسميشن لا??ين منصوبي کي رڪارڊ چئن مهينن جي مدي ۾ ??ڪم?? ڪرڻ کي يقيني بڻايو آهي.