اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اسان کي صحافين ۽ سياسي پارٽي جي ترجمانن ۾ فرق ڪرڻو پوندو، جيڪو صحافي سياسي پارٽين ۾ شامل ٿي وڃي اهو صحافي جي حقن جي دعويٰ نه ٿو ڪري سگهي. اها ڳالهه هن برطانوي صحافي سڪندر ڪرماڻي سان ڳالهائيندي ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪنهن هڪ صحافي جو نالو ٻڌايو جيڪو اسان جي حڪومت ۾ گم ٿيو هج??، ا?? کي گولي هنئي وئي هج??، اغوا ڪيو ويو هج?? يا ان جون پاسراٽيون ٽوڙيون ويون هج??. صحافي جي سوال تي هن چيو ته عمران رياض صحافي نه، سياسي پارٽي جو ترجمان آهي، جيڪو صحافي سياسي پارٽين جي ترجماني ڪري يا تشدد کي هوا ڏي ته ان کي انهن صحايفن سان نه ملايو وڃي جيڪي صحافت جي آزادي تي يقين رکن ٿا. هڪ سوال تي وفاقي وزير چيو ته عمر??ن خان کي ان جي دور ۾ ??ال??ي صحافتي تنظيم ميڊيا پريڊيٽر جو خطاب ڏنو جڏهن ته شهباز شريف جي دور ۾ پاڪستان جي ميڊيا فريڊم انڊيڪس ۾ 7 درجا بهتري آئي، عمر??ن خان پنهنجي دور ۾ صحافين کي گرفتار ڪرايو، ا??هن جو آواز بند ڪيو، ا??هن جا هلندڙ پروگرام بند ڪيا، ٽي وي چينلز بند ڪيا جڏهن ته اسان جي دور ۾ سمورا ٽي وي چنلز هلي رهيا آهن، هر اينڪر کي ڳالهه ڪرڻ جي آزادي آهي، ڪنهن جي آواز کي ناهي دٻايو ويو، ڪنهن هڪ صحافي جو نالو ٻڌايو جنهن جو آواز دٻايو ويو هج??؟ مريم اورنگزيب چيو ته ڪو به شخص گم ٿيو هج?? ته اسان ان جي مذمت ??ئي آهي. عمران رياض جي خلاف عدالتن ۾ ڪيسز ٻڌڻي هيٺ آهن. هن چيو ته اسان جي حڪومت صحافت جي آزادي تي يقين رکي ٿي، ملڪ ۾ صحافت جي آزادي جي فروغ جي ڪري ئي ميديا فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪستان جي درجابندي ۾ بهتري ٿي آهي.