انقره-03 جون (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگا?? ۽ ??ندس گهرواريءَ ايمني اردگان سان ملاقات ڪئي. وفاقي وزير مريم اورنگزيب رجب طيب اردگان کي هڪ ڀيرو ٻيهر ترڪيه جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني. وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته رجب طيب اردگان جي تاريخي ڪاميابي ترڪيه جي عوام جو مٿس مسلسل اعتماد جو اظهار آهي، صدر اردگان جي قيادت ۾ ترڪيه وڌيڪ ت??قي ڪندو. هن چيو ته پاڪستا?? ۽ ??رڪيه ڀائر ملڪ آهن، ايندڙ ڏينهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا.