اسلام آباد-19 جون (اي پي پي) مختلف سياسي جماعتن سان تعلق رکندڙ سينيٽ جي ميمبرن ايندڙ مالي سال 24-23ع جي بجيٽ تي بحث ۾ حصو ورتو. هنن چيو ته ملڪ کي ميثاقِ جمهوريت کانپوءِ هاڻي ميثاقِ معيشت جي ضرورت آهي. سياسي وابستگين سان مٿاهون ٿي ملڪ جي معيشت جي بحالي ۽ معاشي بحران مان نڪرڻ لاءِ گڏ ويهڻو پوندو. بلوچستان ۾ تر??يا??ي منصوبن ۽ ڊيمن لاءِ وڌيڪ رقم رکي ويندي. سينيٽ جي اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال 24-23ع جي بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي سينيٽر ر??سانه زبيري چيو ته ملڪ کي ميثاقِ جمهوريت کان پوءِ هاڻي ميثاقِ معيشت جي ضرورت آهي. آءِ ٽي جو شعبو تيزيءَ سان ترقي ڪري رهيو آهي. ان تي سيلز ٽيڪس ۽ ڪيپيٽل گين ٽيڪس گهٽ ٿيڻ گهرجي. تڪرارن ۽ ٽيڪسن جي مسئلن جي حل لاءِ 2 رڪني ڪميٽي بنائي وڃي. هن چيو ته ملڪ ۾ توانائيءَ جي بحران تي ضا??طو آڻڻ لاءِ سولر انرجي کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي ۽ شمسي توانائي جي اوزارن تي ٽيڪس ۾ ڇوٽ ڏيڻ گهرجي. سينيٽر فدا محمد چيو ته ملڪ هن وقت مسئلن ۾ گهيريل آهي، سياسي وابستگين سان مٿاهون ٿي ملڪ جي معيشت جي بحالي ۽ معاشي بحران کان نڪرڻ لاءِ گڏ ويهڻو پوندو. هن چيو ته ايوان جو تقدس ضروري آهي. تعليم، صحت جي لاءِ فنڊ گهٽ آهن ان ۾ واڌ ڪئي وڃي. سينيٽر عبدالقادر چيو ته ملڪ کي پنهنجن پيرن تي بيهارڻ لاءِ ماضيءَ ۾ سخت فيصلا ڪرڻ گهرج?? ها. ماضيءَ ۾ ملڪي استحڪام بدران پنهنجي حڪومت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ فيصلا ڪيا ويا. ڪرپشن، بدانتظامي ۽ بجلي جي چوريءَ کي ڪنٽرول ڪريون ته گردشي قرضا ختم ٿي ويندا. هن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي تيزيءَ سان وڌي رهي آهي. معاشي استحڪام لاءِ پاليسيون بنائڻيون پونديون. ڊالر جي قيمت وڌڻ سان معاشي بحران وڌي ويو. آءِ ايم ايف سان معاملا طئي نه ٿيا ته صورتحال وڌيڪ خرا?? ٿي سگهي. سندس چوڻ هو ته آءِ ٽي ۽ دوائن جي روانگي واپار تي توجهه ڏيڻ گهرجي ۽ آئينده 10 سالن ۾ روانگي واپار 50 ارب ڊالرن تائين هئڻ گهرجي. ملڪ ۾ تر??يا??ي منصوبن ۽ ڊيمن لاءِ وڌيڪ فنڊز رکيا وڃن.