اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن کي مالي طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ سرڪاري ۽ نجي شعبن ۾ روزگار ڏيارڻ جون ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضر??رت تي زور ڏيندي چيو آهي ته مارڪيٽ ۾ مختلف نوڪرين جي لاءِ خصوصي ماڻهن جي موزونيت جو تعين عالمي معيارن موجب ڪرڻ گهرجي ۽ انهن کي مالي طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ نوڪريون ڳولڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ معذوري جي درجابندي ۽ نوعيت جي فريم ورڪ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ انساني حقن، نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشن ا??نڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت، نيوٽيڪ ۽ نادرا جي سينيئر عملدارن ۽ صحت جي عالمي اداري جي نمائندي ڊاڪٽر مريم ملڪ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر چيو ته هنرمند خصوصي ماڻهن جي نوڪري جي لاءِ امڪاني آجرن جي نشاندهي ڪرڻ گهرجي ۽ پهرين مرحلي ۾ نجي شعبي ۾ وڏن آجرن سان رابطو ڪرڻ گهرجي ته جيئن ا??هن جي مهارت موجب انهن کي ايڊجسٽ ڪري سگهجي. هن چيو ته ڪار??با??ي ۽ صنعتي شعبن ۾ خصوصي ماڻهن جي نمائندگي وڌائي وڃي ته جيئن ا??هن کي مڪ جو پيداواري شهري بڻائي سگهجي. صدر قومي ۽ ص??با??ي سطحن تي عالمي معيارن ۽ بهترين طريقن موجب تيار ڪيل معذوري جي درجابندي جي فريم ورڪ کي اختيار ڪرڻ جي ضر??رت تي زور ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته اهو فريم ورڪ معزوري جي نوعيت سان گڏوگڏ خصوصي ماڻهن جي مارڪيٽ ۾ نوڪرين جي لاءِ موزونيت جو تعين ڪرڻ ۾ مدد ڪندو. هن معذوري جي سرٽيفڪيٽس ک?? اردو ۾ ترجمو ڪري عام ماڻهن جي لاءِ پهچ جوڳو ۽ پڙهڻ جي قابل بڻائڻ تي پڻ زور ڏنو. هن لاڳاپيل ڌرين تي زور ڏنو ته اهي سڄي ملڪ ۾ هڪ جهڙي درجابندي جي فريم ورڪ ۽ معذوري جي سرٽيفڪيٽ کي اختيار ڪرڻ جي لاءِ صوبن سان پنهنجي هم آهنگي کي بهتر بڻائين جنهن سان خصوصي ماڻهن کي تمام وڌيڪ سهولت ملندي. صدر ميڊيا ۾ خصوصي ماڻهن جي ڪاميابي کي اجاگر ڪرڻ جي ضر??رت تي پڻ زور ڏنو ته جيئن ا??هن جي حوصلا افزائي ٿي سگهي. صدر انساني حقن جي وزارت تي زور ڏنو ته اها سرڪاري ۽ نجي شعبن ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ نوڪريون ڳولڻ جي سلسلي ۾ پنهنجي ڪوششن کي تيز ڪري.