اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ب??نڪ الفلاح لميٽيڊ پاران بئنڪنگ محتسب جي فيصلي جي خلاف داخل اپيل کي رد ڪندي هدايت ڪئي آهي ته ب??نڪ بنا اجازت آن لائين ادائيگي جو نظام فعال ڪ??ڻ ۽ صارف جي وقت سر شڪايت کي نظرانداز ڪرڻ تي معافي وٺي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته صارفين کي انٽرنيٽ بئنڪنگ جي فائدن ۽ نقصانن بابت آگاهه ڪرڻ ب??نڪ جي ذميوا??ي آهي، ب??نڪ الفلاح 66850 رپين جي ??ڃا??ل رقم منافعي سان گڏ صارف کي واپس ڪري. تفصيل موجب محمد يار (شڪايت ڪندڙ) بئنڪنگ محتسب کي شڪايت داخل ڪ??ائي ته ان جي ڪريڊٽ ڪارڊ تي 66850 رپين جو گهپلو ٿيو، صارف ب??نڪ کي آگاهه ڪيو ته هن آن لائين خريداري ناهي ڪئي تنهن ڪ??ي آن لائين ادائيگي کي روڪيو وڃي، ب??نڪ شروعاتي طور تي رقم واپس ڪئي پر ڇهن مهينن کانپوءِ ب??نڪ رقم ڪريڊٽ ڪارڊ مان ڪاٽي ورتي جنهن تي صارف بئنڪنگ محتسب کي شڪايت ڪئي جنهن رقم واپس ڪرڻ جي هدايت ڪئي جڏهن ته ب??نڪ محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر کي اپيل داخل ڪ??ي. صدر ڪيس جي ذاتي ٻڌڻي ڪئي ۽ ب??نڪ الفلاح جي اپيل کي رد ڪري ڇڏيو. صدر پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته شڪايت ڪندڙ انٽرنيٽ/ ڊيجيٽل بئنڪنگ کان واقف نه آهي، صارف کي ب??نڪ پاران ڪال موصول ٿيڻ تي ڏيتي ليتي جي ڄاڻ ٿي، غيرمجاز/ جعلي ڏيتي ليتي جي فوري اطلاع ڪري صارف جي مفاد جو تحفظ ڪرڻ ب??نڪ جو فرض آهي. صدر چيو ته صارف جي مفاد جو تحفظ ڪرڻ بدران ب??نڪ باقاعده شڪايت جو انتظار ڪيو، ب??نڪ ايس ايم ايس يا ميل جي صورت ۾ گهربل معلومات جمع ڪرائڻ ۾ پڻ ناڪام رهي. ڊاڪٽر عارف عليو چيو ته اهم ثبوت جي معلومات/ دستاويز جمع نه ڪرائڻ عڪاسي ڪري ٿو ته يا ته ب??نڪ وٽ رڪارڊ نه آهي يا پوءِ پاس ورڊ ناهي موڪليو ويو، ب??نڪ الفلاح اسٽيٽ ب??نڪ جي مختلف ضابطن/ هدايتن جي عدم تعميل ڪندي ڏٺي وئي. صدر چيو ته اسٽيٽ ب??نڪ جي هدايتن موجب صارف جي رضامندي حاصل ڪ??ڻ ب??نڪ جي ذميوا??ي آهي، سادي زبان ۾ اليڪٽرانڪ فنڊز منتقلي جي سهولت بابت صارف کي مطلع ڪرڻ به ب??نڪ جو فرض آهي. هن چيو ته ب??نڪ ثابت نه ڪري سگهي ته انٽرنيٽ بئنڪنگ جي سهولت صارف جي رضامندي سان فعال ڪ??ي وئي. صدر چيو ته ب??نڪ الفلاح جي اپيل ميرٽ کان عا??ي آهي ان لاءِ رد ڪئي وڃي ٿي. هن هدايت ڪئي ته ب??نڪ صارف کان معافي وٺي ۽ منافعي سان گڏ ??ڃا??ل رقم واپس ڪري.