اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سوئيڊن ۾ قرآن ڪريم جي بي حر??تي جي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته او آءِ سي جي پليٽ فارم تان ان شيطانيت جي تدارڪ جي گڏيل حڪمت عملي ٺاهينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته او آءِ سي کي مسلمان امت جي احساسن جي ترجماني ۽ ان شيطانيت کي روڪرائڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪرڻو آهي. تورات، انجيل ۽ قرآن ڪريم جي بي حر??تي جي اجازت ڏيڻ جي فيصلي کي تبديل ڪرڻ جي مهم هلائينداسين. مقدس ڪتابن، هستين ۽ شعائر جي بي حر??تي اظهار جي نه دنيا کي مستقل آزار ڏيڻ جي آزادي آهي. هن چيو ته واقعن جو تسلسل ۽ ترتيب ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اهو اظهار نه پر سياسي ۽ شيطاني ايجنڊا جو حصو آهي. پوري اسلامي دنيا ۽ مسيحي دنيا کي گڏجي ان سازش کي روڪڻو پوندو. هن چيو ته شيطان جا پيروڪار ان ڪتاب جي بي حر??تي ڪري رهيا آهن جنهن انسانن کي عزت ڏني، حق ۽ رهنمائي ڏني. تورات ۽ انجيل جي بي حر??تي جي اجازت ڏيڻ جي فيصلي سان بي حر??تي ڪندڙن جي حوصلا افزائي ٿي. هن چيو ته اهو نفرت جو فروغ آهي جنهن جي عالمي قانون اجازت نه ٿو ڏي. مذهب?? جذبا ڀڙڪائڻ، اشتعال انگيزي، دهشتگردي ۽ تشدد تي اتساهڻ جا ا??ي رويا دنيا جي امن جي لاءِ هاڃيڪار آهن. هن چيو ته ا??ي رويا قانوني ۽ اخلاقي ٻنهي لحاظ کان ئي شديد نفرت جوڳا ۽ مذمت جوڳا آهن.