لاهور – 10 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي چيو آهي ته تيزي سان ??رقي ڪندڙ دنيا جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان ۾ مصنوعي ذهانت کي فروغ ڏيڻ وقت جي ضرورت آهي، تعليم کانسواءِ ترقي جو سفر ممڪن نه آهي، جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ جي لاءِ ڏاهي قيادت جي ضرورت آهي، موجوده گهرجن سان هم آهنگ تعليم ۽ تربيت لازمي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ صحت جي شعبي ۾ مصنوعي ذهانت ۽ مشين لرننگ جي استعمال بابت ڪانفرنس ”انسٽا ڪيئر فيوچر هيلٿ فورم“ کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي خاتون اول بيگم ثمينه علوي، صحت ۽ سوشل ويلفيئر و??ري نگران ??وبائي وزير پروفيسر ڊاڪٽر جاويد اڪرم، سي اي او انسٽا ڪيئر فيوچر هيلٿ فورم بلال امجد ۽ صحت جي شعبي سان واڳيل ماهرن جو وڏو انگ موجود هو. صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي چيو ته پاڙيسري ملڪن ۾ خواندگي جي شرح سئو سيڪڙو آهي، اڻ پڙهه ماڻهن کي معاشري ۽ ملڪ جي لاءِ ڪارائتو بڻائڻو پوندو، پاڪستان ??ي نوجوانن ۾ صلاحيت جي کوٽ نه آهي، پاڪستاني ٻين ملڪن ۾ ڪيترن ئي شعبن ۾ نمايان ??دمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. هن چي?? ته يونيورسٽين جي اجاره د??ري ختم ٿي رهي آهي، مصنوعي ذهانت جي لاءِ نه پئسي ۽ نه ئي ڪنهن امداد جي ضرورت آهي، جنهن ترقي کي جيترو جلدي سڃاتو ان ??ن کي حاصل ڪري ورتو. هن چي?? ته اسلام ته انسانن کي سڌو رستو ڏيکارڻ جي لاءِ آيو. اسان ماڻهو هڪ ٻئي جي ڳالهه کي برداشت ڪرڻ، ٻين جي مدد ۽ انهن جي خدمت کي پنهنجو شعار بڻائڻ جا اوصاف اختيار ڪريون ته مون کي پورو يقين آهي ته پاڪستان ??يندڙ وقت ۾ ترقي يافته ملڪن ۾ شامل هوندو. ان مقصد جي پورو ڪرڻ پڙهيل لکيل نوجوان ??بقي جي ذميو??ري آهي. صدر اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ??و م??تق??ل روشن آهي، رڳو رخ صحيح ڪرڻ جي ضرورت آهي. تعليم جي حوالي سان ??در چي?? ته پاڪستان ??لم جي ميدان ۾ خطي جي ٻين ملڪن کان پٺتي آهي، 2 ڪروڙ 70 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن جڏهن ته ڀارت، بنگلاديش ۽ سريلنڪا ۾اسڪول ويندڙ ٻارن جو تناسب پاڪستان کان وڌيڪ آهي. هن چي?? ته ريسرچ ۽ ڊيٽا جي بنياد تي سمورن چئلينجز جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو. صدر ڪورونا وائرس جي عالمي وبا جو مثال ڏيندي چي?? ته ڊيٽا موجود هجڻ جي ڪري پاڪستان ??ن وبا تي ضابطو آڻڻ ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون پر جن ملڪن ۾ ڊيٽا موجود نه هئي اتي ان وبا کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو. هن وڌيڪ چي?? ته اڄ جي ڪانفرنس جو بنياد ڊيٽا ئي آهي، جتي ڊيٽا سيل نه هوندو اتي ڪيترائي مسئلا جنم وٺن ٿا. صدر چي?? ته اسلام جو بنياد هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ تي رکيو ويو آهي. ملڪ کي مشڪلاتن مان ڪڍڻ جي لاءِ ڪميونٽي ويلفيئر تمام ضروري آهي، جنهن معاشري ۾ ڪميونٽي جي ڀلائي جو خيال نه ٿو رکيو وڃي اتي الله جون رحمتون نازل ٿيڻ بند ٿي وڃن ٿيون. صدر چي?? ته مصنوعي ذهانت کانسواءِ ڪا به قوم اڳتي نه ٿي وڌي سگهي. صحت جي شعبي ۾ به مصنوعي ذهانت اميد جي تمام وڏي ڪرن آهي. هن چي?? ته هر ڊاڪٽر وٽ هڪ جهڙي ڊيٽا سيل موجود آهي پر ان ڊيٽا سيل سان گڏ جيڪو صحيح سوال ڪندو اهو ئي اڳتي وڌي سگهندو. هن چي?? ته مصنوعي ذهانت ۾ جدت اچي چڪي آهي، م??تق??ل ۾ ايستائين پتو لڳائي سگهبو ته ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ڪير ڪير اسپتال ويندو. صدر انگلينڊ ۾“ هڪ رپورٽ جو حوالو ڏيندي چي?? ته ڊگري وارن کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ نان ڊگري وارا پئسو ڪمائي رهيا آهن. هاڻي ڊگري بدران ??ئيڊياز سان ڪاميابي ممڪن آهي. آئيڊياز جي لاءِ پئسن جي ضرورت نه آهي پاڪستان ۾ ذهني صحت، عورتن جي خودمخي??ري سميت ڪيترائي ايشوز آهن جن تي ضابطو آڻڻ جي ضرورت آهي. هن چي?? ته پاڪستان ??و م??تق??ل روشن آهي، هتان ??ي نوجوانن ۾ تمام گهڻو پوٽينشنل آهي، جيڪڏهن ماڻهو جهيڙا بند ڪري ڇڏين، هڪ ٻئي کي برداشت ڪن ته پاڪستان کي ترقي ڪرڻ کا ڪير به نه ٿو روڪي سگهي. ڪانفرنس جي آخر ۾ صدر بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙن ۾ ايوارڊز ورهايا. ايوارڊز حاصل ڪندڙن ۾ ڊاڪٽر ياسر نيازي، ڊاڪٽر عمر چغتائي، امبر بشير، تيمور ضياءَ، خورشيد انور، ڊاڪٽر ابصار عارف، بلال امجد، محمد احمد، عائشه صديق، ڊاڪٽر شهلا جاويد، وقار الحسن، ڊاڪٽر عاطف الرحمان ۽ ٻيا شامل هئا.