اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران پاڪستان جي 76 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي عوام جي لاءِ ٽارگيٽيڊ سبسڊي جي خصوصي تحفي جي باقاعده شروعات سڀ??ڻي جمعي کان ٿيندي، جن??ن تحت سڄي ملڪ ۾ يوٽيلٽي اسٽورز تي 5 بنيادي ضروري شيون گهٽ ترين اگ??ن تي دستياب هونديون. تفصي??ي بيان موجب وزيراعظم پاران ملندڙ ان ٽارگيٽيڊ سبسڊي ۾ اٽو 648 رپين ۾ 10 ڪلوگرام، گيهه 353 رپيا في ڪلو، کنڊ 100 رپيا في ڪلوگرام، جڏ??ن ته دالين ۽ چانور تي 25 رپين جي في ڪلو تي خصوصي رعايت ڏني ويندي. ان سبسڊي سان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تح?? رجسٽرڊ خاندان جن جو غربت انڊيڪس تي اسڪور آر ايم ٽي 40 يا ان کان گهٽ آهي، سبسڊي حاصل ڪرڻ جا اهل آهن، ان سهولت مان فائدو کڻڻ جي لاءِ به بي آئي ايس پ?? جا خصوصي رجسٽريشن ڪائونٽر يوٽيلٽي اسٽورز تي قائم ڪيا پيا وڃن.