اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گذريل 16 مهينن ۾ تاريخ جا غيرمتوقع وڏا چئلينجز درپيش هئا، اسان ج?? قدمن سان ملڪ ڊيفالٽ جي خطرن کان بچي ويو، اڄ پاڪستان اپريل 2022ع کان بهتر آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اڄ ڪابينا جي خصوصي اجلاس ۾ مون پنهنجي ڪابينا جي ساٿي?? جي تعاون ۽ حمايت تي انهن جا ٿورا مڃيا. گذريل 16 مهينا وڏن چئلينجن جو دور هو، جيڪو ??سا?? جي تاريخ ۾ غيرمتوقع هو. هن چيو ته پاڪستا?? جي سياسي قوتن جو هڪ قومي ايجنڊا جي لاءِ گڏ ٿيڻ اسا?? جي جمهوري نظام جي ارتقا جي نمائندگي ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته شديد ترين ٻوڏ کان وٺي ملڪ کي ڊيفالٽ کان بچائڻ جي لاءِ پاڪستا?? جي سفارتي لاڳاپ?? جي نئين سر تعمير کان وٺي گورننس جي چئلينجز کي ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ بحران?? جي ڪثرت جي سنگيني کي ڏسندي اسان گڏيل حڪمت عملي جو استعمال ڪيو. هن چيو ته الحمدالله آگسٽ 2023ع ۾ پاڪستان اپريل 2022ع جي ڀيٽ ۾ بهتر آهي. اسا?? جي ڊگهي مدي وارا چئلينجز اڃا به آهن پر اڳتي وڌڻ جي رستي جي واضح طور تي نشاندهي ڪئي وئي آهي ۽ ان رخ ۾ قدم شروع ڪيا ويا آهن. وزيراعظم چيو ته آئون ڪابينا جي هر ساٿي جو ٿورائتو آهيان ته انه?? جي مشوري ۽ تعاون سان جن ذاتي طور تي ملڪ جي بهترين خدمت ڪرڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي، آئون انه?? جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريان ٿو.