اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) ڀارتي ??اظ?? الامور کي پرڏيهي وزارت ۾ طلب ڪيو وي?? ۽ آزاد ڪشمير جي ضلعي ڪوٽلي جي ڳوٺ اولي جي رهواسي 60 سالا شهري غياث جي ڀارتي فوج جي فائرنگ جي نتيجي ۾ شهادت تي پاڪستان جو سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو وي??، اهو واقعو 21 آگسٽ 2023ع تي لائين آف ڪ??ٽر??ل (ايل او سي) جي نڪيال سيڪٽر ۾ پيش آيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان لائين آف ڪ??ٽر??ل تي امن امان کي برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته اهڙي قسم جون ڪاررو??يو?? 2003ع جي سيز فائر مفاهمت جي واضح خلاف ورزي آهن، جنهن جي فيبروري 2021ع ۾ تجديد ڪئي وئي هئي. بيان موجب ان ڳالهه تي زور ڏنو وي?? ته ڀارتي فوج کي انتهائي احتياط ڪرڻ گهرجي ڇو ته معصوم شهرين کي نشانو بڻائڻ انساني وقار ۽ عالمي انساني حقن ۽ انساني قانونن جي ابتڙ آهي. ڀارت تي زور ڏنو وي?? ته هو واقعي جي جاچ ڪري ۽ سيز فائر مفاهمت جو احترام ڪ??ي.