اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر بين الاقوامي اسلامي يون??ور??ٽي اسلام آباد ڊاڪٽر هذال حمود العتيبي تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي سان ملاقات ڪئي ۽ کيس وزارت جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ملاقات دوران گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن سميت معياري تعليم کي هٿي ڏيڻ ۽ انتهاپسنديءَ جي حوصله شڪنيءَ ۾ تعليمي ادارن جي ڪردار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ جامعه جي نائب صدر ايڊمنسٽريشن اينڊ فنانس ڊاڪٽر نبي بخش جماڻي پڻ موجود هو. تعليم واري وزير معاشري جي تعمير ۽ خدمتن ۾ يون??ور??ٽين جي ڪردار کي ساراهيندي يون??ور??ٽيءَ کي وڌ کان وڌ تعاون جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته يون??ور??ٽيون انتهاپسنديءَ کي روڪڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. هن اميد ظاهر ڪئي ته اسلامي يون??ور??ٽي بهترين پليٽ فارم هئڻ جي ناتي حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي سيرت تي ڪانفرنس منعقد ڪري. يون??ور??ٽيءَ جي صدر چيو ته يون??ور??ٽي جلد ئي وزارت جي تعاون س??ن ان ڪانفرنس جو شيڊول بڻائيندي. هن اهو ٻڌايو ته يون??ور??ٽي ايندڙ ڏينهن ۾ هڪ ٻي عالمي ڪانفرنس منعقد ڪندي، جنهن ۾ امام ڪعبه شرڪت ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته يون??ور??ٽي جي انتظام هيٺ ليگ آف اسلامڪ يون??ور??ٽيز جي هڪ ٻي ڪانفرنس تي ڪم پڻ جاري آهي جنهن ۾ رابطه عالم اسلامي ليگ جو سربراهه شرڪت ڪندو. سعودي عرب ۽ پاڪستان جي لاڳاپن جي باري ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب هڪ شاندار ڀائراڻي تاريخ رکن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن س??ن وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. هن س??ودي عرب جي حڪومت جي ويزن جي به تعريف ڪئي ۽ چيو ته خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ شهزاده محمد بن سلمان جي امن ??ي هٿي وٺرائڻ لاءِ خدمتون س??راهه جوڳيون آهن. يون??ور??ٽي ءَجي صدر چيو ته شاگردن جي سهولت لاءِ ڊجيٽلائيزيشن، فاصلاتي تعليم ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جي حوالي سان يون??ور??ٽي جي قدمن ??ان آگاهه ڪيو. صدر ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو اعليٰ تعليم ۾ بهتريءَ لاءِ وزير جي رهنمائيءَ ۾ وزارت سان تعاون وڌائڻ لاءِ پهرين صف ۾ شامل هوندو. ڊاڪٽر هذال ٻُڌايو ته گذريل 3 سالن ۾ يون??ور??ٽي درجابندي ۾ بامعنيٰ ترقي ڪئي آهي. يون??ور??ٽيءَ جي صدر وزير تعليم کي يون??ور??ٽي جي دؤري جي دعوت ڏني جنهن کي هن قبول ڪيو ۽ يون??ور??ٽيءَ جي جاري اڳڀرائيءَ تي اطمينان جو اظهار ڪيو.