بيجنگ – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چين جي دوري جي لاءِ بيجنگ پهچي ويو. بيجنگ پهچڻ تي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو. چين جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزير وانگ زو گانگ، پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زي ڊونگ ۽ اعليٰ عملدارن سندس آجيان ڪئي. چين جي فنڪارن روايتي رقص سان نگران وزيراعظم جو استقبال ڪيو. نگران وزيراعظم کي گلدستو پيش ڪيو ويو. پاڪستان ۽ چين جا قومي ترانا وڄايا ويا. نگران وزيراعظم پنهنجي چين جي دوري دوران 17 ۽ 18 آڪٽوبر تي منعقد ٿيندڙ ٽئين عالمي تعاون بابت بيلٽ اينڊ روڊ فورم (بي آ?? ا??ف) ۾ شرڪت ڪندو. بيلٽ اينڊ روڊ فورم ?? پاڪستان جي نمائندگي ڪندي نگران وزيراعظم چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) تحت گذريل 10 سالن ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪاميابين سان گڏوگڏ مستقبل جي هدفن ۽ ان جي اهم منصوبي تي پاڪستان جي ڀرپور تعاون جو ورجاءُ ڪندو. نگران وزيراعظم بي آ?? ا??ف جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت کانسواءِ 18 آڪٽوبر تي عالمي معيشت ?? مواصلاتي رابطن جي موضوع تي منعقد اعليٰ سطحي فورم کي خطاب ڪندو. نگران وزيراعظم جي چين ۾ چيني صدر شي جن پنگ، وزيراعظم لي چيانگ ۽ سي پي سي سينٽرل ڪميٽي جي پولٽ بيورو جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبر لي شي سان مل??قا?? سان گڏوگڏ اعليٰ چيني قيادت ۽ فورم ۾ شريڪ ٻين ملڪن جي سربراهن سان پڻ مل??قا?? ٿيندي. نگران وزيراعظم پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ چين ۾ ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن سان پڻ مل??قا??ون ڪندو. سنڪيانگ ۽ پاڪستان جي عوام جي وچ ۾ لاڳاپن ۽ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ نگران وزيراعظم ارومچي جو دورو ڪندو جتي نگران وزيراعظم اتان جي مقامي اڳواڻن ۽ ڪاروباري شخصيتن سان مل??قا??ون ڪندو.