اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ايندڙ عام چونڊون آزاداڻيون، منصفانيون، شفاف ۽ جامع ٿيڻ گهرجن، ملڪ ۾ جمهوريت کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ سمورين سياسي پارٽين ۽ انهن جي قيادت ??ي چونڊ عم?? ۾ حصو وٺڻ جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا و??ن، جيڪڏهن ماڻهو پنهنجي پسند جا ليڊر چونڊ نه ڪري سگهي ته جمهوريت بي معنيٰ ٿي وڃي ٿي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار اڳوڻي وفاقي وزير ۽ سينيٽر محمد علي دراني سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ س??ڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته معيشت سميت سمور?? ممڪن محاذن تي مشڪلاتن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ ملڪ ۾ سياسي، اداراجاتي ۽ ٻين ڌرين جي اتحاد جي سخت ضرورت آهي. هن چيو ته تلخيون ختم ٿيڻ گهرجن ۽ تعاون ۽ درگزر جو رستو نڪرڻ گهرجي. هن چيو ته مشڪل فيصلن جي لاءِ عوام جي حمايت ۽ انهن جي حصيداري گهربل هوندي آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ايندڙ عام چونڊون اسان جي ملڪ جي نئين سر تعمير جي لاءِ ضروري تحريڪ پيدا ڪرڻ جو هڪ سٺو موقعو آهي. صدر سمورن سياسي اڳواڻن پاران ڏنل بيانن کي پڻ ساراهيو ته هڪ برابري جو ميدان هجڻ گهرجي ڇو ته شموليت جو هي اهم ۽ واحد معاملو جمهوريت جي روح آهي.