اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري نگران وفاقي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته پاڪستان ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪ?? جي تنظيم آسيان سان لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ آسيان کي موسمياتي ??بد??لي جي چئلينجن سميت ڪيترائي مسئلا درپيش آهن، آسيان سان مڪمل ڊائيلاگ پارٽنرشپ چاهيون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسلام آباد (آءِ ايس ايس آءِ) ۾ آسيان ڪارنر جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب کي اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري (آءِ ايس ايس آءِ) جي ڊائريڪٽر جنرل سهيل محمود، ملائي??يا جي هاءِ ڪمشنر محمد اظهر مزلان، انڊوني??يا جي سفير ايڊم ايم ٽوگيو، ويٽنام جي سفير نگوين ٽين ڦونگ، ٿائيلينڊ جي سفير چڪريڊ ڪراچائي وونگ کانسواءِ آسيا?? جي ٻين ملڪ?? جي سفارتڪارن، پرڏيهي وزارت جي خرم راٺور، انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊي جي بي او ڊي جي چيئرمين سفير خالد محمود، ڊائريڪٽر ڊاڪٽر طلعت شبير ۽ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر محمد شعيب خطاب ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي نگران پرڏيهي وزير چيو ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبو (سي پيڪ) علائقائي رابط?? جي لاءِ تمام اهميت رکندڙ آهي، پاڪستان آسيا?? جي سمورن ملڪن سان گڏيل فائدي تي لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان موسمياتي ??بد??لي کان متاثر سرفهرست ملڪن ۾ شامل آهي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته سارڪ تنظيم کي آسيا?? جي طرز تي ٺاهيو ويو هو. جيتوڻيڪ ڀارتي رويي سارڪ کي غيرفعال بڻائي ڇڏيو آهي. پاڪستان آسيان سان اصول?? جي مرڪزيت جي مڪمل حمايت ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان تازو ئي آسيان ملڪ?? جي سفارتڪار?? جي لاءِ تربيتي پروگرام منعقد ڪيو. هن چيو ته امن ۽ سلامتي جي لاءِ سماجي ۽ اقتصادي ترقي ضروري آهي. پاڪستان بلاڪ پوليٽڪس کان پري رهڻ چاهي ٿو ۽ هو ملٽي ليٽرلزم تي يقين رکي ٿو. جليل عباس جيلاني چيو ته پرامن اي??يا پيسفڪ پاڪستا?? جي ترجيح آهي ۽ هو آسيان ملڪن سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪري رهيو آهي. آسيان ڪارنر جي افتتاح جي موقعي تي پاڪستان ۽ آسيا?? جي لاڳاپن کي وڌائڻ ۽ مستقبل جي امڪان?? جي ڳولا جي موضوع تي ٿيندڙ گول ميز ڪانفرنس جو اهتمام انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز جي چائنا پاڪ اسٽڊي سينٽر ڪيو ويو. جنهن ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ آسيا?? جي سفيرن کانسواءِ ٻين اهم شخصيتن به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، نگران پرڏيهي وزير ۽ ٻين شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته آسيان جو عالمي امن ۽ سلامتي ۾ اهم ڪردار آهي. 1967ع ۾ پنهنجي قائم ٿيڻ کان آسيان جو علائقائي تعاون ۾ ڀرپور ڪردار رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ آسيا?? جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيو آهي، جنهن کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان ۾ ملائي??يا جي هاءِ ڪمشنر ۽ آسيان ڪميٽي اسلام آباد جي چيئرمين محمد اظهر آسيان ڪارنر قائم ٿيڻ کي ساراهيندي چيو ته ان سان پاڪستان ۽ آسيا?? جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌائڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته پاڪستان ۽ آسيان موسمياتي ??بد??لي ۽ ٻين چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا. تقريب کي انڊوني??يا جي سفير ايڊم ايم ٽوگيو به خطاب ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ آسيان کي آءِ ٽي ۽ اقتصادي شعبي ۾ به تعاون وڌائڻ گهرجي. ان موقعي تي خطاب ڪندڙن چيو ته آسيا?? ۽ ??اڪستا?? جي وچ ۾ پراڻا لاڳاپا قائم آهن جن کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پاڪستان ۽ آسيا?? جي وچ ۾ لاڳاپا اقتصادي تعاون ۽ علائقائي استحڪام جي بنياد تي قائم آهن. ڏکڻ اي??يا ۽ وچ اوڀر جي وچ ۾ هڪ پل طور تي پاڪستا?? جي اسٽريٽجڪ بيهڪ مختلف خطن ۾ واپار ۽ رابطن تي آسيا?? جي ڌيا?? جي تڪميل ڪري ٿو. پاڪستان ۽ آسيا?? جي وچ ۾ گڏيل تعاون مختلف شعبن تائين ڦهليل آهي، جيڪو صنعت، سيڙپڪاري، زراعت، تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، سياحت ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن، اقتصادي ترقي ۽ علائقائي سلامتي جي لاءِ پنهنجي عزم کي سگهه ٿو. آسيا?? ۽ ??اڪستا?? جي وچ ۾ حصيداري ايشيائي خطي ۾ امن ۽ سلامتي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ لازمي آهي. جاگرافيائي فاصلي جي باوجود آسيا?? ۽ ??اڪستان گذريل ڪيترن ئي سالن ۾ هڪ مضبوط ۽ گڏيل طور تي فائديمند لاڳاپن کي هٿي وٺرائي رهيو آهي. پاڪستا?? جي ”ويزن ايسٽ ايشيا“ پاليسي آسيان ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. جڏهن ته آسيان پاڪستان کي پنهنجي ٻاهرئين لاڳاپن ۾ هڪ اهم حصيدار طور اهميت ڏي ٿو. ٻئي ڌريون سفارتي لاڳاپن ۾ اضافي، گڏيل منصوبن ۽ عوامي رابط?? جي مٽاسٽا جي ذريعي گڏيل رابطن کي مضبوط بڻائي رهيو آهي. عالمي چئلينجن کي منهن ڏيندي آسيان پاڪستان لاڳاپا علائقائي تعاو?? ۽ ??ڪ مستحڪم ۽ خوشحال اي??يا جي لاءِ گڏيل امنگن جو ثبوت آهي. افتتاحي تقريب کانپوءِ گول ميز مباحثي ۾ آسيان ملڪ?? جي سفارتڪارن، پاڪستا?? جي سينيئر عملدارن ۽ ڪاروباري نمائندن به شرڪت ڪئي. ان کان اڳ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني اسلام آباد ۾ مشنز جي سربراهن سان آسيان ڪارنر جي تختيءَ جي نقاب ڪشائي ڪئي. تقريب جو مقصد آسيان سان پاڪستا?? جي بدلجندڙ لاڳاپن جو تجزيو ڪرڻ هو. انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز ۾ آسيان ڪارنر قائم ٿيڻ سان آسيا?? جي ميمبر ملڪن سان پاڪستا?? جي حصيداري کي اپ گريڊ ڪرڻ جي لاءِ پاليسي سفارشون تيار ڪرڻ ۽ اڳڀرائي ڪرڻ ۾ مدد ملندي.