سرينگر – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪل جماعت?? حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن چيو آه?? ته ڀارت 1947ع کان ڪشميرين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آه?? جڏهن هن دوکيبازي ۽ طاقت جي زور تي ڄمون ۽ ڪشمير تي غيرقانوني طور تي قبضو ڄمائي ورتو هو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪل جماعت?? حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن مولوي بشير عرفاني، سيد بشير اندرابي، محمد ياسين عطائي، خواجه فردوس، ياسمين راجا، زمروده حبيب، فريده جي، جاويد احمد مير، فياض حسين جعفري، سيد سبط شبير قمي، محمد شفيع لون، هلال احمد وار، مول??نا مصيب ندوي، شفيق الرحمان، پير سيد تصدق، ايڊووڪيٽ ارشد اقبال ۽ محمد عاقب سرينگر ۾ جاري پنهنجي بيانن ۾ چيو ته ڀارت 27 آڪٽوبر 1947ع تي ورڇ ٿيل ننڍي کنڊ جي فارمولي جي کليل خلاف ورزي ڪندي ۽ ڪشميرين جي خواهشن جي ابتڙ ڄمون ۽ ڪشمير تي قبضو ڪيو جنهن کي ڪشميرين ڪڏهن به قبول نه ڪيو ۽ اهي ان ناجائز قبضي جي خلاف تمام گهڻيون قربانيون ڏئي رهيا آه??. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير عالمي سطح تي مڃيل تڪراري خطرو آه?? ۽ گڏيل قومن ڪشميرين جي خودمختياري جي حق کي تسليم ڪيو آه??. هن چيو ته مودي حڪومت 5 آگسٽ 2019ع کانپوءِ والاريل علائقي ۾ ظلمن ۾ تيزي آندي آه??، هن ڪشميرين جا سمورا بنيادي حق سلب ڪري رکيا آه?? ۽ هو والاريل علائقي ۾ مسلمانن جي اڪثريت کي اقليت ۾ بدلائڻ جي ڪڌي پاليسي تي عمل ڪري رهيو آه??. هن چيو ته ڪشميري 27 آڪٽوبر کي ڪاري ڏينهن طور ملهائيندا ??ه جيئن دنيا تي واضح ڪري سگهجي ته اهي پنهنجي وطن تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي کي قبول نه ٿا ڪن ۽ جيستائين انهن جي خودمختياري جو حق نه ٿو ملي وڃي اهي پنهنجي پرامن جدوجهد جاري رکندا.