اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستان ۽ روانڊا جي وچ ۾ دوستاڻي ۽ خوشگوار لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي آفريقي کنڊ سان پنهنجا لاڳاپا خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، آءِ ٽي، زراعت ۽ عوام جي س??ح تي مٽاسٽا ۾ اضافي جي خواهش ظاهر ڪئي آهي. وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪا??ڙ سان جمهوريه روانڊا جي سينيٽ جي صدر ڊاڪٽر ڪالندا فرانڪوئس زيويئر جي قيادت ۾ هڪ وفد ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم پاڪستان ۽ روانڊا جي وچ ۾ دوستاڻي ۽ خوشگوار لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان جي آفريقي کنڊ سان پنهنجي لاڳاپن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، آءِ ٽي، زراعت ۽ عوام جي س??ح تي مٽاسٽا جي خواهش کان آگاهه ڪيو. ان سلسلي ۾ هن روانڊا کي اسلام آباد ۾ پنهنجو سفارتي مشن قائم ڪرڻ جي دعوت ڏني. پاڪستان 2021ع ۾ ڪيگالي ۾ پنهنجو مشن کوليو. پارلياماني مٽاسٽا جي اهميت تي زور ڏيندي نگران وزيراعظم جمهوريه روانڊا جي سينيٽ جي صدر جي پهرين دوري جي آجيان ڪئي ۽ ان کي س??راهيو. نگران وزيراعظم روانڊا جي تازن سالن ۾ حاصل ڪيل شاندار اقتصادي ترقي کي پڻ ساراهيو. جمهوريه روانڊا جي سينيٽ جي صدر پنهنجي وفد جي شاندار استقبال تي ٿورا مڃيا. اسلام آباد ۾ قيام دوران هن پارليامينٽ ميمبرن، سرڪاري آف??سرن ۽ نجي شعبي س??ن ڪارائتيون ملاقاتون ڪيون. روانڊا سينيٽ جو وفد سينيٽ آف پاڪستان جي چيئرمين جي دعوت تي پاڪستان جي س??ڪاري دوري تي آهي.