دبئي – 30 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي 28 ??ين ڪانف??نس آف پارٽيز (??وپ – 28) جي ايڪسپو سٽي ۾ جمعي کان شروع ٿيندڙ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم پهرين ۽ ٻه ڊسمبر تي ورلڊ ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ ۾ شرڪت ڪندو. نگران وزيراعظم ورلڊ ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ ۾ 2 ڊسمبر تي قومي موقف پيش ڪندو. ڪانف??نس جي موقعي تي نگران وزيراعظم جي مختلف ??المي اڳواڻن سان ملاقاتون متوقع آهن. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني، ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، موسمياتي تبديلي وارو نگران وفاقي وزير احمد عرفان اسلم ۽ توانائي وارو نگران وفاقي وزير محمد علي پڻ ??وپ – 28 ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن.