ڊيره اسماعيل خان – 13 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي جي خلا?? جنگ کٽي چڪو آهي، عا??م حق، رياست ۽ امن سان گڏ ??يٺ?? آهن، دهشتگرد حملن کي اڳتي ??ڌي منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين، دهشتگرد ڪو به حربو استعمال ڪري وٺن ڪامياب نه ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊيره اسماعيل خان دهشتگرد حملي ۾ زخمي ٿيندڙن جي عيادت کانپوءِ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ملڪ جي تحفظ جي لاءِ زخمي ٿيندڙ جوانن جا حوصلا بلند آهن، آئون انهن کي حوصلو ڏيڻ جي لاءِ آيو آهيان پر انهن جوانن مون کي حوصلو ڏنو آهي ۽ اهي جوان زخمي ٿيڻ جي باوجود دشمن جو مقابلو ڪرڻ جو عزم رکن ٿا. هن چيو ته حملي آورن کي خبردار ڪري رهيو آهيان ته اهي جنگ هارائي چڪا آهن، رياست پاڪستان اها جنگ کٽي چڪي آهي، هو هارايل جڏهن ته اسان کٽيل جنگ وڙهي رهيا آهيون. هن چيو ته پنهنجي سرزمين جي حفاظت ڪندڙ شهيد ۽ زخمي الله آڏو سرخرو ٿيندا، هن کٽيل جنگ ۾ جن قربانيون ڏنيون اهي هتي ڪامران ۽ جنت ۾ راحت ۾ هوندا جڏهن ته خو??رج دنيا ۽ آخرت ۾ رسوا هوندا، اهي دوزخ جا جا هيـٺئين درجي وارا ماڻهو آهن. نگران وزيراعظم چيو ته عا??م حق، رياست ۽ امن سان گڏ ??يٺ?? آهن، دهشتگرد اسان کي موت کان ڊيڄاري نه ٿا سگهن، دهشتگردي جي خلا?? جنگ ۾ هزارين پاڪستانين پنهنجون جانيون قربان ڪيون آهن ۽ اسان وڌيڪ قربانين جي لاءِ پڻ تيار آهيون، دهشتگرد حملن جو اڳتي ??ڌي منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين. هن چيو ته دهشتگرد ڪو به حربو استعمال ڪري وٺن ڪامياب نه ٿيندا. ان موقعي تي هن دهشتگرد حملي ۾ زخمي ٿيندڙن جي عيادت پڻ ڪئي.