اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? ڊيره اسماعيل خان ۾ 12 ڊسمبر جي دهشتگرد حملي جي شهيدن جي پونئيرن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ وارثن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? حوالدار عمران خان، محمد جميل، محمد شها??، فضل سبحان، دائود شاهه ۽ رياست خان جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? نائيڪ مختيار علي، لانس نائيڪ محمد اسحاق، محمد حيات ۽ صغير احمد جي گهرڀاتين ??ان ٽيليفون تي رابطو ڪيو. هن سپاهي رحمان شاهه، غلام مرتضيٰ، محمد فياض ۽ امير حسين کي پڻ خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? سپاهي عدنان، محمد نصير، وقار الله خان، ولي خان، ذوالفقار ۽ نبيل اختر کي ملڪ جي لاءِ شهادت ماڻڻ تي سلام پيش ڪيو. صدر دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪئي، شهيدن جي خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪيو. هن قوم پاران شهيدن جي خدمتن کي ساراهيو ۽ انهن جي خاندانن جا ٿورا مڃيا. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين ??ي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.