اسلام آباد – 16 ?? جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ ??ار??ياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته صحافت جي آزادي بنيادي حق آهي، ان کي ڪنهن به صورت ۾ سلب نٿو ڪري سگهجي، چونڊن جي ڪوريج ۾ ميڊيا جو اهم ڪردار آهي، ميڊيا اميدوارن ۽ ووٽرز جي وچ ۾ پُل ج?? ڪردار ادا ڪري ٿي، ميڊيا کي ثبوتن تي ٻڌل مستنند معلومات جي فراهمي ۾ غيرجانبداراڻو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن پاڪستان آبزرور جي چيئرمين فيصل زاهد ملڪ سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ ميڊيا، ريجنل پريس کي درپيش چئلينجز، 2024ع جي ايندڙ عام چونڊن ۾ ميڊيار جي ڪردار ۽ صحافت جي آزادي تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات ۽ ??ار??ياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت صحافت جي آزادي پڪو يقين رکي ٿي، صحافت جي آزادي هڪ بنيادي حق آهي، ان کي ڪنهن به صورت ۾ سلب نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته چونڊن جي ڪوريج ۾ ميڊيا جو اهم ڪردار آهي، ميڊيا اميدوارن ۽ ووٽرز جي وچ ۾ پُل ج?? ڪردار ادا ڪري ٿي، خبرن جي ڪوريج، بحثن ۽ تجزين جي ذريعي ميڊيا عوامي تاثر جوڙي ٿي، ميڊيا کي ثبوتن تي ٻڌل مستنند معلومات جي فراهمي ۾ غيرجانبداراڻو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. اطلاعات ۽ ??ار??ياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته حڪومت ص??اف??ن کي تربيت ۽ فني مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، ص??اف??ن ملڪ جي ترقي ۽ استحڪام ۾ سدائين اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ان موقعي تي پاڪستان آبزرور جي چيئرمين فيصل زاهد ملڪ صحافت جي آزادي ۽ ص??اف??ن جي ڀلائي لاءِ حڪومتي عزم کي ساراهيو.