راولپن??ي-16 جنوري (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان جي دفاع کي يقيني ۽ مضبوط بنائڻ لاءِ اسان پاڻڀري ۽ جديد ٽيڪنالاجي لاءِ ڪم جاري رکنداسين. قومي ترقيءَ جو رستو پي او ايف واهه جهڙي مقامي صنعتن سان ڳنڍيل هوندو آهي. آءِ ايس پي آر مطابق اهڙو اظهار هن پاڪستان آرڊيننس فيڪٽري جي دؤري جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. آرمي چيف کي پي او ايف جي پيداواري صل??حي??، پاڪستان جي هٿياربند فوج جي دفاعي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ ان جي سهڪار ۽ برآمدي صل??حي?? بابت ??ريفنگ ڏني وئي. آرمي چي?? پي او ايف مصنوعات جي وسيع رينج جو مشاهدو ڪيو جنهن ۾ ٽيسٽ ۽ ٽرائلز تحت مقامي طور تي ڊزائين ۽ تيار ڪيل نَوان هٿيار ۽ بارود شامل آهن. پي او ايف آفيسرن ۽ عملي کي خطاب ڪندي آرمي چي?? پي او ايف کي پاڪستان جي اهم دفاعي صنعت بنائي ??لڪي سلامتي ۽ معيشت ۾ ان جي ڪردار کي ساراهيو. ان کان اڳ چيئرمين پي او ايف واهه آرمي چيف جي آجيان ڪئي.