اسلام آباد – 01 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان اسرائيلي قابض فوج جي هٿان غزه جي عوام تي جاري ظلم ۽ ڏاڍ تي گهري ڳڻتي ظاهر ڪندي جنين جي ابن سينا اسپتال تي حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هفتيوار پريس بر??فن?? ۾ چيو ته اهو واقعو اسپتالن جي خلاف غيرانساني جنگ جي سلسلي جو تازه ترين واقعو آهي جيڪو فلسطيني عوام جي خلاف جنگي ڏوهن جي زمري ۾ اچي ٿو. هن چيو ته اهي جاري ظلم غزه جي ماڻهن جي تحفظ جي لاءِ ??نص??ف ج?? عالمي عدالت پاران طئي ڪيل ??ار??ي قدمن جي روح جي خلاف آهن. ترجمان چيو ته غزه ۾ جاري جنگ ۽ مصيبتن جي وچ ۾ وچ اوڀر ۾ فلسطيني پناهگيرن جي لاءِ گڏيل قومن جي ريليف اينڊ ورڪس ايجنسي (يو اين آر ڊبليو اي) جي لاءِ فنڊز جي معطلي پڻ ??نص??ف ج?? عالمي عدالت ج?? عارضي قدمن جي روح جي خلاف آهي جنهن ۾ ضروري خدمتن ۽ انساني امداد جي فراهمي جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ترجمان چيو ته اسان غزه ۾ فلسطينين کي درپيش مشڪل حالتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ يو اين آر ڊبليو اي جي فنڊنگ معطل ڪرڻ جي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ تي زور ڏيون ٿا جنهن جو فلسطيني عوام جي تحفظ ۽ حمايت ۾ اهم ڪردار آهي. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر، لاڳاپيل قراردادن ۽ عالمي قانون موجب فلسطيني عوام جي انساني حقن، وقار ۽ سڃاڻپ کي برقرار رکڻ جي لاءِ ??نص??ف ج?? عالمي عدالت ج?? عارضي فيصلي تي مڪمل عملدرآمد جو به مطالبو ڪري ٿو. انهن ??ار??ي قدمن کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ غزه جي عوام کي درپيش مصيبتن جي خاتمي لاءِ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي جي ضرورت آهي، تنهن ڪري گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي جنگبندي لاڳو ڪرڻ ۽ غزه جي عوام کي جاري ظلمن کان بچائڻ جي لاءِ پنهنجو لازمي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.